سپريم ڪورٽ جو اونهاري جي موڪلن ۾ به ڪم جاري رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اونهاري جي موڪلن دوران به معمول موجب ڪم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آچر تي سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 13 جون کان شروع ٿيندڙ  موڪلن دوران به عدالت ۽ برانچ رجسٽريون معمول موجب فرض انجام ڏينديون ته جيئن ماڻهن کي انصاف فراهم ڪري سگهجي. بيان موجب سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن مان هڪ هزار 182 گذريل ڇهن مهينن دوران اڪلايا ويا آهن جڏهن ته هلندڙ سال 10 جون تائين 568 ڪيسز اڪلايا ويا آهن جنهن کانپوءِ ڪيسن مان 385 گهٽجي ويا آهن. موڪلن دوران ڪم جاري رکڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جون چار بينچون ٺاهيون ويون آهن جن ۾ هڪ اعليٰ عدالت، هڪ ڪراچي برانچ رجسٽري ۽ ٻه لارجر بينچون آهن. بيان موجب هلندڙ سال اونهاري دوران سپريم ڪورٽ هن ئي روٽين تحت فرض انجام ڏيندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.