پني عاقل ۾پٽ پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

پنوعاقل (رپورٽ رستم انڍڙ) پني عاقل ۾پٽ پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. غريب آباد پاڙي ۾ جوابدار عبدالرحمان پسند جو پرڻو نه ڪرائڻ تي پنهنجي پيءُ مستري شهزادي کي رات جي وقت ننڊ  دوران ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هن پنهنجن ڀائرن مجيب الرحمان، حفيظ الرحمان ۽ ٻين سان ملي قتل جي حقيقت لڪائي لاش دفنائي ڇڏيو. هوڏانهن پنوعاقل سٽي پوليس جو چوڻ آهي ته ڳجهو  اطلاع ملڻ تي پوليس جوابدار عبدالرحمان کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب انڪوائري دوران جوابدار ٻڌايو آهي ته هن پسند جو پرڻو نه ڪرائڻ تان پنهنجي پيءُ کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو جڏهن ته قتل جي واقعي کي لڪائڻ جي الزام هيٺ سندس ڀائرن مجيب الرحمان، حفيظ الرحمان ۽ 4 نامعلوم ماڻهن خلاف پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو. ايس ايڇ او ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.