خانپور ويجهو زمين جي مالڪيءَ تان جهيڙو، فائرنگ، عورت قتل

شڪارپور (ڊ ر) خانپور ويجهو زمين جي مالڪيءَ تان سئوٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ عورت مارجي وئي، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.مرزا واهه  واري علائقي ۾ گولي لڳڻ سبب ارشاد زال گل محمد جتوئي موقعي تي ئي دم ڏنو، الهه رکيو جتوئي زخمي ٿي پيو.قتل ٿيل عورت جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اربيلو جتوئي الزام هنيو آهي ته سئوٽن گوليون هڻي ناحق عورت کي قتل ۽ هڪ همراهه کي زخمي ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.