عبدالقادر منگيءَ جي لاڏاڻي تي ڏک پهتو، سندس خدمتن کي ياد رکيو ويندو: سيد سردار علي شاھ

ڪراچي( رپورٽر) ، تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاھ اڳوڻي سيڪريٽري  ڪلچر عبدالقادر منگيءَ جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته عبدالقادر منگيءَ جي لاڏاڻي تي ڏک پهتو، سندس خدمتن کي ياد رکيو ويندو. 03

  • پي ٽي آءِ حڪومت 79 سيڪڙو قرض ۽ بقايائن ۾ اضافو ڪيو آهي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي، ته پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ جي حڪومت  45 مهينن ۾ ملڪي تاريخ جي 71 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 79 سيڪڙو قرضن ۽ بقايائن ۾ واڌ ڪئي آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته رڪارڊ لاءِ پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪل قرض 24953 ارب رپين مان وڌائي 44366 ارب رپيا ٿي ويو. جيڪو 78 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن چيو ته مجموعي قرضن کان علاوه بقيائن ۾ 79 سيڪڙو واڌ سان 29879 ارب رپين کان وڌي 53544 ارب رپيا ٿي ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ گذريل 71 سالن ۾ شامل سمورن قرضن ۽ بقايائن ۾ پوڻن چئن سالن ۾ 79 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.

  • ڀارت ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي: قمر الزمان ڪائره

اسلام آباد (م ڊ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته ڀارت نام نهاد سرچ آپريشنز ۽ ڪوڙن مقابلن جي آڙهه ۾ ڪشميرين جي نسلي ڪشي ڪري رهيو آهي. ڀارت والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي تبديلي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي جاري بيان ۾ قمر الزمان ڪائره چيو ته ڀارت هندوازم جي نظرئي جي صورت ۾ هندو انتهاپسندي جي خطرناڪ رستي تي نڪري پيو آهي. ڀارت ۾ اقليتون خاص طور مسلمانن لاءِ وڏي عرصي کان زمين تنگ ڪئي وئي آهي.قمر الزمان ڪائره چيو ته عالمي برادري ڀارت ۾ وڌندڙ هندو انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻي. مودي جي هندو انتهاپسند پاليسيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.