صحافي سماج جو آئينو قرار، سماج پنهنجا عيب ڏسڻ بجاءِ آرسي ٽوڙڻ گهري ٿو

حيدرآباد (رپورٽر)  حيدرآباد جي صحافين چيو آهي ته صحافي سماج جو آئينو ٿين ٿا ۽ سماج پنهنجا عيب ڏسڻ بجاءِ آئينو ئي ٽوڙڻ گهري ٿو، پاڪستان صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪ بڻجي چڪو آهي، اظهار راءِ جي آزاديءَ  ۾ رڪاوٽ وجهڻ بنيادي آئيني حقن جي خلاف آهي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه پاڪستان پريس فائونڊيشن طرفان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ بابت ڪوٺايل ورڪشاپ ۾ خطاب  ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته ملڪ جو آئين، لکڻ، سوچڻ ۽ ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ رياست جي ذميواري آهي ته صحافين کي  اهو حق ڏئي. هن چيو ته صحافي هڪ آئينو آهن ۽ اسان سماج کي آئينو ڏيکاريون ٿا، پر سماج پنهنجا عيب لڪائڻ لاءِ آئينو ئي ٽوڙڻ چاهي ٿو. حيدرآباد پريس  ڪلب جي صدر عبدالله شيخ چيو ته هتي صحافين جون زندگيون محفوظ ناهن، هڪ طرف جاگيرداري نظام ۽ ٻئي  طرف معاشي طرح کان صحافي ڪمزور هجڻ ڪري صحافين کي انصاف نه ٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان ۾ قانون ته موجود آهن، پر جاچ جو نظام بهتر نه هجڻ ڪري نتيجا حاصل ڪي نه ٿا سگهجن. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر جئه پرڪاش موراڻي چيو ته حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس سدائين صحافين جي مسئلن تي اڳڀري رهي آهي، پر ڪنهن به واقعي وقت ايف آءِ آر جذباتي ۾ ڪٽرائي وڃي ٿي، ۽ انصاف جو عمل ڊگهو ۽ مهانگو هجڻ ڪري اهڙي ايف آءِ آر ڪمزور ٿيڻ ڪري نتيجا حاصل نه ٿا ٿي سگهن. انفارميشن ڊپارٽمينٽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شهزاد شيخ چيو ته سنڌ ۾ صحافين جي تحفظ لاءِ قانون موجود آهن ۽ وڌيڪ قانونسازي ٿئي پئي، جنهن تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. رئوف چانڊيو چيو ته صحافين جي متفق نه هجڻ ڪري جوابدارن کي رليف ملي ٿو ۽ صحافين سان انصاف نه ٿو ٿئي، جيستائين پاڻ ۾ متحد نه هونداسين انصاف حاصل نه ٿيندو.  پي پي ايف جي ٽرينر سينيئر صحافي لالا حسن چيو ته پاڪستان ۾ 75 کان وڌيڪ صحافين کي قتل ڪيو ويو، پر صرف 7 ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ملي پر عملدرآمد هڪ ڪيس تي ٿيو. هن چيو ته اڪثر جوابدار گرفتار ئي نه ٿا ٿين ۽ ڪيس ڪورٽن تائين ئي نه ٿا پهچن. ان کان اڳ صحافين جي تحفظ بابت  مختلف موضوعن تي لالا حسن پٺاڻ حيدرآباد جي صحافين کي سنڌ حڪومت طرفان صحافين جي تحفظ لاءِ جوڙيل قانون ۽ صحافي ڪيئن پنهنجو تحفظ ڪري سگهن ٿا ان بابت تربيت ڏني.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.