پئٽرول 270 رپيا ٿيڻ وارو آهي، نيوٽرل کي ٻڌايو هو ته سازش ڪامياب ٿي ته معيشت تباهه ٿي ويندي

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت وٽ معيشٽ جي بهتري لاءِ ڪو پلان ناهي، هن جي حڪمت عملي صرف ڪرپشن ڪيس ختم ڪرڻ آهي، پئٽرول 270 لٽر تي پهچڻ وارو آهي، نيوٽرل کي ٻڌايو هو ته سازش ڪامياب ٿي ته معيشت تباهه ٿي ويندي. هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته آصف زرداري کي جيل موڪلڻ وارو نواز شريف هو، هن جي 10 سالن ۾ قرض چڙهيو، موجوده حڪومت  ايف آءِ اي، نيب ۽  پارليامينٽ کي ختم ڪري ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان  تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف وڏي سازش ٿي، نيوٽرل کي چيو هو ته سازش ڪامياب ٿي ته معيشت تباهه ٿي ويندي،شوڪت ترين به نيوٽرل کي آگاهه ڪيو هو، امپورٽڊ حڪومت اهو ئي ڪري رهي آهي، جيڪو مون نيوٽرل کي چيو هو. هن چيو ته صدر مملڪت سپريم ڪورٽ کي خط لکي آگاهه ڪيو، آصف زرداري ۽ شهباز شريف ملڪ سان غداري ڪئي آهي، اسان جي حڪومت ۾ معيشت ۾ بهتري آئي، هاڻي هي ماڻهو چون ٿا ته اسان کي ڦاسايو ويو آهي، جيڪڏهن اوهان کي ڦاسايو ويو آهي ته اليڪشن  جو اعلان ڪريو.عمران خان چيو ته پئٽرول 270 رپيا في لٽر ٿيڻ وڃي رهيو آهي، هي ماڻهو اليڪشن کٽڻ لاءِ ڌانڌلي ڪندا، هنن پنهنجن من پسند آفيسرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.