راولپنڊي (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهندي پاڪ فوج جو سپاهي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي شاهزيب امتياز بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب 25 ورهين جو شهيد سپاهي امتياز ڪوٽلي ستيان جو رهواسي هو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرس آپريشن ڪيو پيو وڃي. 03