ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو اختيار صرف حڪومت کي آهي، اسٽيبلشمينٽ ۽ پ پ ۾ تڪرار تيز

لاهور ( عوامي آوازنيوز )  اسٽيبلشمينٽ ۽ پيپلزپارٽي ۾ ٽي ٽي پي سان ڳالهين توڙي افغان معاملن تي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي ،جڏهن ته ان سلسلي ۾  (ن )ليگ جو پيپلز پارٽي بدران اسٽبلشمينٽ طرف جهڪاءٌ نظر اچي رهيو آهي ، ان سلسلي ۾ نامياري صحافي گوهر بٽ پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته  پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته پارليامينٽ جي موجودگي باوجود  پارليامينٽ کي ان معاملي تي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي ، ڇوته ڪنهن به معاملي تي ڳالهين جو اختيار صرف حڪومت کي حاصل آهي ،نمبر ٻيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آهي جنهن کي پڻ ان معاملي تي اعتماد ۾  ناهي ورتو ويو ۽ نه ئي اطلاع ڏنو ويو آهي، ڇوته اسٽيبلشمينٽ ۽ ٽي ٽي پي ۾  ڳالهين دوران ڪيترائي طالبان آزاد پڻ ٿي چڪا آهن ، پ پ جو موقف آهي ته  ٽي ٽي پي جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ فوجي جوانن  سميت 80 هزار شهري  شهيد ٿي چڪاآهن، ملڪ کي معاشي طور وڏو نقصان پهچي چڪو آهي ، اهڙي ڌر سان ڳالهين ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو پارليامينٽ ۽ حڪومت کي ڪرڻ گهرجي ، بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ طالبان ملوث رهيا آهن ، نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته  ان معاملي ۾  (ن ) ليگ اسٽيبلشمينٽ جي پاسي بيٺل نظر اچي رهي آهي، ڇوته جڏهن کان اتحادي حڪومت آئي آهي تڏهن کان (ن ) ليگ  اسٽيبلشمينٽ جي جهولي ۾ ويٺل آهي ، جنهن جو مثال آيس آءِ کي سول ڪامورا شاهي جي مقررين ،بدلين ۽ ترقين جا اختيار ڏيڻ آهي ، جنهن تي پڻ اتحادين خدشا ظاهر ڪيا هئا ته کين اعتماد ۾ وٺڻ بنا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ، ڪالهه وري بچاءُ واري وزير خواجه آصف جو آمر مشرف بابت  بيان سامهون آيو آهي ، جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته  آمر مشرف کي  وطن اچي عزت ۽ وقار جي زندگي گذارڻ گهرجي ، حيرت  آهي ته ان ڏس ۾ ميان نواز شريف خاموش آهي، آمر مشرف تي ته ميان نواز شريف ئي ٻه ڀيرا آئين ٽوڙڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو، ڇا اهو تاثرتاثر وٺڻ گهرجي  ته (ن) ليگ ميان نواز شريف جي راضپي سان ئي  اسٽيبلشمينٽ جي جهولي ۾ وڃي  ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي يا ميان نواز شريف  کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ،مقامي قيادت  اهي فيصلا ڪري رهي آهي ، ڇو ته سيا سي حلقن ۾ (ن ) ليگ جي هاڻوڪي اسٽيبلشمينٽ حامي پاليسي تي سوال اٿي رهيا آهن،،جڏهن ته پ پ جي هاڻوڪي اسٽيبلشمينٽ سان اصولي اختلافن جي سياس حلقن ۾ حمايت ڪئي پئي وڃي ، پ پ جو موقف آهي ته  اتحادين سميت  سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي  اهڙي مداخلت آڏو بند ٻڌ ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.