ڪراچي ۾ مهانگائي خلاف برابري پارٽي جو احتجاجي مطاهرو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي  ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف   برابري  پارٽي طرفان پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي برابري پارٽي ڪراچي ڊوين جي آرگنائيزر  واصف عابدي، مظهر جعفر ۽ ٻين چيو ته اتحادي حڪومت مهانگائي ۾ غير معمولي واڌ ڪري ڇڏي، جنهن سان عام ماڻهن جو جيئن مشڪل ٿي ويو آهي.هنن چيو ته مهانگائي ۾ اضافو فوري طور واپس ورتو وڃي ۽ پگهار گهٽ ۾ گهٽ 70 هزار رپيا ڪئي وڃي.هنن چيو ته هن وقت اشرافيه متحد ٿي ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن عوام مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ پگهارن ۾ واڌ چاهي ٿو ته ان کي متحد ٿيڻو پوندو ۽ وڏي پيماني تي ملڪ گير احتجاجي مظاهرا ڪرڻا پوندا.هنن چيو ته عوام هاڻي به پنهنجي حقن لاءِ رسترن تي نه آيو ته بدترين تباهي ۽ بربادي هن جو مقدر بڻجندي.هنن چيو ته گذريل چار سالن دوران مهانگائي ۾ 200 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ مزدورن ۽ پگهاردار طبقي جو گذارو مشڪل ٿي ويو آهي.هن چيو ته فوري طور مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري کاڌي پيتي جون عام  شيون سستيون ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ عوام سراپا احتجاج بڻجي رستن تي نڪري ايندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.