پي ٽي آءِ حامي ميجر جنرل سميت 5 آفيسرن جي پينشن بند

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ حامي (ر) ميجر جنرل سميت 5 رٽائرڊ آفيسرن خلاف ڪارروائي، پينشن بند، ميڊيڪل سميت سموريون سهوليتون واپس ورتيون ويون، نامياري صحافي انصار عباسي پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي افواهه هلي رهيا هئا ته 150 رٽائرڊ فوجي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، ڇو ته انهن تي پي ٽي آءِ جي حمايت ڪرڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪرڻ جو الزام هو، ان سلسلي ۾ جڏهن دفاعي اداري جي ذميوارن سان رابطو ڪيو ويو ته انهن ٻڌايو ته 150 نه پر 5 آفيسرن جي پينشن بند ڪري سموريون مراعتون واپس ورتيون ويون آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ويو ته ڪارروائيءَ جو مريم نواز جي بيان يا مطالبي سان ڪو به تعلق نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.