آگسٽ کان معاشي بهتري اچڻ شروع ٿيندي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ جون معاشي حالتون آگسٽ کانپوءِ بهتر ٿيڻ شروع ٿينديون ۽ 6 مهينن ۾ معاشي استحڪام طرف  ملڪ وڌڻ شروع ٿيندو. اهڙي اڳڪٿي نامياري صحافي نجم سيٺي ڪئي آهي، سيٺي جو چوڻ آهي ته هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ بچت ۾ مشڪل سان 8 ملين ڊالر آهن، جيڪي صرف ٽن کان 4 هفتن جو خرچ آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان 15 جولاءِ تائين قرض معاهدي تي صحيحن جو امڪان آهي، جنهن بعد جولاءِ جي آخر تائين معاهدي تحت هڪ يا 2 ملين ڊالر ملي ويندا، ان کانپوءِ عالمي بئنڪ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ۽ ٻيا مالياتي ادارا به قرض يا امداد ڏيڻ شروع ڪندا، اهڙي طرح آگسٽ کان معاشي حالتون بهتر ٿيڻ شروع ٿينديون ۽ 6 مهينن کانپوءِ معاشي استحڪام طرف ملڪ وڌڻ شروع ٿيندو، رپئي جي قدر ۾ اضافو ۽ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.