پنجاب ۾مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ ڪو نالو فائنل ناهي ٿيو: پي ٽي آءِ

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني ليڊر سبطين خان جو چوڻ آهي ته اپوزيشن ليڊر لاءِ  اڃا تائين ڪو نالو فائنل ناهي ٿيو. پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سبطين خان جو چوڻ هو ته پنجاب جي اپوزيشن ليڊر جو فيصلو تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي ڪرڻو آهي پر ان حوالي سان اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو. پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر سبطين خان وڌيڪ چيو ته ٿي سگھي ٿو اپوزيشن ليڊر سان گڏ ڊپٽي اپوزيشن ليڊر به لڳايو وڃي. ٻئي پاسي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر جي حوالي سان پارٽي قيادت جيڪو فيصلو ڪندي قبول هوندو. اپوزيشن ليڊر لاءِ راجا بشارت يا محمود الرشيد جي حمايت بابت سوال تي عثمان بوزدار چيو ته پارٽي ۾ مون لاءِ سمورا محترم آهن ۽ آئون سڀني سان گڏ آهيان. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.