سنڌ دوست ڪامورو، عبدالقادر منگي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي ثقافت کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري، ديبل، ڀنڀور،  ٿر ۽ وتائي فقير تي ڪانفرنس ڪرائيندڙ عبدالقادر منگي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. عبدالقادر منگي ڪالهه ڪراچي ۾ دم ڏنو عبدالقادر منگي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل هيو. عبدالقادر منگي جي ٻي شادي سينيئر سياستدان ايم پي اي  نعيم کرل جي ڀيڻ ۽ ڊي آئي جي شرجيل کرل جي ڦڦي سان ٿيل هئي. عبدالقادر منگي جي جنازي نماز شام جو ڪلفٽن ۾ ادا ڪئي وئي، کيس عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.  سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه، تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاھ اڳوڻي سيڪريٽري ڪلچر عبدالقادر منگيءَ جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. رتي ديري شھر ۾ 26 – نومبر 1947ع تي ڄمندڙ عبدالقادر منگي ڪميشن پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر بڻيو جتان ترقي ڪري ڊپٽي ڪمشنر ،ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيش آفيسر(DCO) ۽ ڪمشنر ٿي 25- نومبر 2007ع تي ريٽائر ٿيو ، گهاري ۾ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڀنڀور ۽ ديبل تي 1983ع ۾ سيمينار ڪوٺايائين ۽ ان موقعي تي پڙهيل مقالن تي ڀنڀور ۽ ديبل جي نالي سان سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آندائين. جڏهن ٽنڊي الهيار ۾ بدلي ٿي آيو ته اتي به ساڳئي طريقي سان وتائي فقير تي سيمينار ڪرايائين .  1992ع ۾ ٿر مٺيءَ جي نئين قائم ٿيل ضلعي ۾ بدلي ٿيس ته ٿرين کي سهوليتن ۽ بهتر زندگي مهيا ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ‘ٿر سيمنار’ ڪيو. ان  سيمينار جي روئداد ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪئي ۽ سرڪار کي سفارشون ڪيون ويون. ان  سال ئي ٿر  ۾ ڪوئلي جي دريافت ٿي. هن ٿر   جي بهتري ۽ ترقيءَ جو بنياد وڌو. 2017ع جي آخر ۾ سندس آتم ڪٿا ‘جوئي آهيان سوئي آهيان’ جي نالي سان شايع ٿي، جنهن ۾ سندس زندگيءَ جي جستجو جي ڪٿا بيان ٿيل آهي. عبدالقادر منگي ثقافت کاتي جو سيڪريٽري، ڊي جي گورک هل اٿارٽي ۽ ٻين عهدن تي رهيو.سندس لاڏاڻي تي تاج جوئي، رکيل مورائي، اخلاق انصاري، اسحاق انصاري، ڊاڪٽر شير مهراڻي، مختيار ملاح ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيوآهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.