ميرپور ماٿيلي ڀرسان واهه ۾ وهنجڻ دوران 3 نينگر ٻڏي فوت

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ:پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ ونگو  واسي ٽي نينگر  چانڊيا مائينر ۾ وهجندي ٻڏي فوت، لاش گهرن ۾ آڻڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو، رپورٽ موجب ميرپور ماٿيلو ڀرسان ڳوٺ ونگو ۾  3 نينگر ريحان پٽ ڪامران سميجو، احمد پٽ عباس سومرو ۽ عرفان پٽ  انور بوزدار چانڊيا مائينر ۾ وهجندي ٻڏي فوت ٿي ويا اطلاع  ملندي وارث پهچي ويا، ڳولا بعد ٽنهي ٻارڙن جا لاش هٿ ڪيا ويا. هوڏانهن ٽنهي ڄڻن جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ٽئي لاش گهر آندا ويا ته  ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.