سنڌ ۾ پاڻي کوٽ صرف لاڙ واري علائقي ۾آهي:قادر مگسي

سجاول (ڊ ر)ايس ٽي پي  چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ صرف لاڙ  واري علائقي ۾ آهي، اتر ۾ زمينون آباد آهن، اسان وفاقي جمهوري پارلياماني نظام جا حامي آھيون پر ھتي آئين تي عمل نه ٿو ٿئي، اقتداري ڌريون آئين تي عمل نه ٿيون ڪن، ھنن وٽ عدل ۽ انصاف ناھي انهي ڪري ملڪ سميت سڀني ادارن ۾ افراتفري ڦهليل آھي. ايس ٽي پي  آفيس سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ گهڻي حڪمراني پيپلز پارٽي جي رھي آھي پر ھاڻي اھا پارٽي فقط زرداري پارٽي بڻجي وئي آھي، جنهن ۾ ڀوتار ۽ جاگيردار شامل آھن، ھنن کي غريب عوام جو ڪو به الڪو ناھي. ھن چيو ته سنڌ معدني وسيلن سان مالامال آھي پر سنڌ جون نياڻيون روڊن تي پني رھيون آھن، غريبن کي روزگار جا وسيلا ڏيڻ بجاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي در در ڌڪا کارايا پيا وڃن. ھن چيو ته سنڌ ۾پاڻي جي کوٽ فقط لاڙ  ۾آھي، اتر واري علائقن ۾ سڀني ڀوتارن، سرمائيدارن ۽ حڪمرانن جون زمينون آباد آھن. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سجاول ۾ واري جو پاڻي اچي ٿو پر ھتي جون با اثر ڌريون غريب عوام کي پاڻي ڏيڻ بجاءِ پنهنجي زمينن ۾ وھايو ڇڏين. ھن چيو ته ملڪ ۾ حد کان وڌيڪ مهانگائي ۽ پاڻي جي کوٽ غريبن جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آھي. ھن عوام کي دعوت ڏيندي چيو ته ھن اليڪشن ۾ايس ٽي پي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيو، جيئن ڀوتارن، سرمائيدارن مان جان ڇڏائي خوشحالي آڻي سگهجي. ان موقعي تي ايس ٽي پي جا اڳواڻ حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، ڊاڪٽر احمد نوناري، جلال شاھ، عبدالغني ملاح، جمن سنڌي، سهيل ابڙو ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.