پي ٽي آءِ 76 سيڪڙو قرض ورتا: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف طرفان معاشي ڪارڪردگي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جي حوالي سان هڪٻئي تي لفظي گولاباري جاري آهي. سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٽوئيٽر تي اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي نيوز پيڪيج جي وڊيو شيئر ڪئي. ان وڊيو ڪلپ ۾ شوڪت ترين جي گذريل ڏينهن جي پريس ڪانفرنس  ڏيکاري وئي آهي، جنهن ۾ هن چيو ته حڪومت چئي ٿي پاڪستان ٺهڻ کان هيل تائين قرضن جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ 80 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي 4 سالن ۾ قرضن ۾ 80 سيڪڙو نه پر 76 سيڪڙو واڌ ٿي.  مريم اورنگزيب انهن بيانن جو حوالو ڏيندي چيو ته شوڪت ترين صاحب نيٺ اعتراف ڪري ورتو ته عمران صاحب 4 سالن جي حڪومت ۾ 20 هزار ارب رپين جو قرض ورتو، جيڪو تاريخ ۾ ورتل مجموعي قرض جو 76 سيڪڙو آهي، اهڙا ڪيترائي اعتراف اڃا عمران صاحب کي ڪرڻا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان جا ڪُل عوامي قرض پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ 24 هزار 953 ارب رپين مان وڌي 44 هزار 366 ارب رپيا ٿي ويا، جيڪا 78 سيڪڙو واڌ ٿئي ٿي. تحريڪ انصاف جي فواد چوڌري، مريم اورنگزيب کي جواب ڏيندي چيو ته جڏهن توهان هر وقت ”ڪينڊي ڪرش“ ئي کيڏندا رهندئو ته اهڙي قسم جي احمقاڻي گفتگو ڪندئو، تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪُل قرض 52 ارب ڊالر ورتو، انهن مان 38 ارب ڊالر توهان جي حڪومتن لاءِ ورتل قرض جي واپسي ڪئي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو پسند ناهي ته پينو حڪومت آءِ ايم ايف بورڊ ۾ ڇا وٺڻ ويندي آهي؟ ختم ڪيو اڳتي هلو. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جو بريڪ ڊائون ڏيندي چيو ته پرڏيهي قرض 09-2008 ۾ 45 ارب ڊالر، 19-2018 ۾ 70.5 ارب ڊالر، جڏهن ته مارچ 2022 ۾ 88 ارب ڊالر هئا. ٻئي پاسي شوڪت ترين پي ٽي آءِ حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي کي گذريل 30 سالن جي بدترين ڪارڪردگي قرار ڏيندي چيو ته ماڻهن کي دوکو ڏيڻ ڇڏيو، توهان کي سچ جي خبر آهي، توهان جي حڪومت جي گذريل 8 هفتن ۾ بدترين ڪارڪردگي واضح آهي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن دعويٰ ڪئي ته ڪووڊ باوجود جڏهن سڄي دنيا ۾ ٽيڪس جو دٻاءُ وڌي ويو، پي ٽي آءِ جي حڪومت قرضن ۾ 76 سيڪڙو واڌ ڪئي، پي ايم ايل (ن) پنهنجي حڪومتي دور ۾ قرضن ۾ 79 سيڪڙو واڌ ڪئي.پاڪستان جي اقتصادي سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جا ڪُل قرض مارچ 2022 جي پڄاڻي تائين 88.8 ارب ڊالر يا 16 لک 29 ارب رپين تائين پهچي ويا هئا. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجيٽ ۾ ڪيترن ئي حوالن سان بهتري آئي آهي، خاص طور تي بلوچستان جي بجيٽ ۾ نوجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ فائدا فراهم ڪيا ويا آهن ۽ مالياتي طور تي ڪمزور ماڻهن لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊيز رکيون ويون آهن. هوڏانهن وري تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت قبيلائي ضلعن جي خاص ضرورتن کي ڏسندي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪئي هئي پر موجوده حڪومت رڳو 110 اربن جي بجيٽ رکي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ قبيلائي ضلعن جي ماڻهن لاءِ 131 ارب رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا هئا پر شهباز حڪومت طرفان قبيلائي ضلعن ۾ ترقياتي فنڊن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، بي گهر ماڻهن لاءِ ڪجهه نه رکيو ويو، جڏهن ته اسان جي ڏنل گذريل بجيٽ ۾ به ڪٽوتي ڪئي وئي، ان عمل سان ڏوهارين جي حڪومت جي نااهلي ۽ بدنيتي ظاهر آهي.. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.