ڪراچي ۾ بلوچ شاگردن کي کنڀڻ خلاف سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل ٻن بلوچ شاگردن غمشاد بلوچ ۽ دودا خان جي آزادي لاءِ وارثن ۽ بلوچ شاگردن احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو. بلوچ اڳواڻن احتجاجي ريلي ڪڍي ته ڦوهار  چوڪ وٽ پوليس کين روڪي ورتو پر مزاحمت بعد رنڊڪون ٽوڙي سنڌ اسيمبلي آڏو پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هنن چيو ته غمشاد بلوچ ۽ دودا خان شاگرد آهن، نوجوانن کي کنڀڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ سان گڏ سنڌ سرڪار به برابر جي شريڪ آهي. دودا خان ۽ غمشاد ٻنهي جو تعلق ڪيچ سان آهي. مظاهري ۾ وائيس فار مسنگ پرسن ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا ڪارڪن شريڪ ٿيا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.