عمران خان جون اسٽيبلشمينٽ کي سرچاءَ لاءِ منٿون ، پرويز خٽڪ سرگرم

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان  هر طرف کان مايو س ٿي هڪ ڀيرو ٻيهر  اسٽيبلشمينٽ کي اقتدار ڏيارڻ لاءِ منٿ ميڙ شروع ڪري ڏني آهي . نامياري صحافي معظم فخر پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو  آهي ته25 مئي واري مارچ جي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ  عمران خان عوام مان ته مايو س ٿيو  ڇوته صرف ڪي پي، پنڊي ۽ اسلام آباد مان 4 کان 5 هزار ماڻهو نڪتا، باقي پنجاب ، سنڌ ۽ بلوچستان مان مارچ لاءِ ماڻهو نه نڪتا  ان ڪري  عمران عدالتن جو رخ ڪيو  ته اتان شايد کيس سهارو ملي وڃي ۽ ڪا تحريڪ هلائي  حڪومت ۽ ادارن تي دٻاءٌ وڌائي  پر عدالت ۾ به جيڪي رپورٽون جمع ٿيون  آهن انهن مان محسو س ٿي رهيو آهي ته  عمران خان کي شايد  ماضي جهڙو رليف نه ملي سگهي، ان سموري صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ عمران خان آخر ڪار اسٽيبلشمينٽ کي منٿ ميڙ شروع ڪئي آهي ۽رابطن ۽ ڳالهين جي ذميواري  پرويز خٽڪ کي سونپي آهي ، ذريعن موجب  پرويز خٽڪ جون اسٽيبلشمينٽ جي ذميوارن سان ٽي گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن  پر ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، ٽئي گڏجاڻيون بنا نتيجي ختم ٿيون آهن ، ان دوران عمران خان کي شيخ رشيد آڇ ڪئي ته  سندس ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر عمران خان کيس جواب ڏئي ڇڏيو ته اها ذميواري صرف  پرويز خٽڪ جي آهي شايد ! عمران خان جو هاڻي شيخ رشيد تي اعتماد نه رهيو آهي ساڳي وقت اسٽيبلشمينٽ سربراهه خلاف  پي ٽي آءِ وارا سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ به هلائي رهيا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.