گلشن اقبال ۾ باهه، ڪيس پراپرٽيز جون سوين گاڏيون سڙي ويون

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾گلشن اقبال جي علائقي نيپا چورنگي ڀرسان ٻوڙن کي لڳل باهه سبب ڪيس پراپرٽيز جون 500 سئو کان  وڌيڪ موٽر سائيڪلون، بس ۽ رڪشا ۽ ٻيون سڙي ويون.گذريل ڏينهن ٻوڙن کي لڳل باهه ڪيس پراپرٽيز جي گاڏين کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾هڪ بس، هڪ رڪشا ۽ 500 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون سڙي ويون، فائر برگيڊ اختيارين موجب عزيز ڀٽي پارڪ ڀرسان جھنگ ۾ باھ لڳي وئي، جيڪا تيز هوا سبب پکڙجي وئي ۽ اتي موجود بيٺل گاڏين کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.فائر برگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته گاڏين ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻي ورتو. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته باهه سبب لاوارث گاڏيون سڙي ويون، ڪولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد باهه لڳڻ جا ڪارڻ ۽ سڙي ويل گاڏين جو انگ معلوم ٿي سگهندو.پوليس موجب به ڪيئن لڳي، واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڏني آهي.هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاھ گلشن اقبال ۾ باھھ لڳڻ جو نوٽس وٺندي ڪمشنر ڪراچيءَ کي ھدايت ڪئي تھ انھيءَ واقعي بابت مڪمل رپورٽ ڏني وڃي. ھن چيو تھ باھھ لڳڻ سان ٿيل نقصان جا تفصيل پڻ پيش ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.