پنجاب پاڻي روڪي سنڌ جو معاشي قتل عام شروع ڪري ڇڏيو

رتوديرو (ن ع آ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته منظم طريقي سان اها سازش ڪئي وئي آهي ته سنڌو درياءَ جي ناڪابندي ڪري سنڌ ۽ سنڌين جو معاشي ۽ ماحولي قتل عام ڪرڻ پنجاب پنهنجي ڀيانڪ انداز سان شروع ڪيو آهي. رتوديرو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چشما جھلم لنڪ ڪئنال 24 ڪلاڪ وهي ٿو جنهن کي کولڻ جي اجازت نه آهي، 1947 ع ۾ پنجاب جي زرعي پيداوار سنڌ کان گھٽ هئي، اسان وٽ هڪڙو سکر بئراج هو پر ان هوندي به اسان جي معاشي صورتحال پنجاب کان بهتر هئي هن چيو ته 1960ع تائين پنجاب جون معاشي حالتون بربادي جهڙيون هيون پر اڄ پنجاب جنهن وٽ پنهنجا درياءَ ناهن گئس ۽ ڪوئلي جا ذريعا نه آهن جنهن وٽ پنهنجو سمنڊ ناهي اهو پنجاب ملڪ جو خوشحال کان خوشحال صوبو بڻيل آهي پر جيڪا سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ان سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي ۾ گذاري رهيا آهن، روزگار نه هجڻ سبب نوجوان خودڪشيون ڪري رهيا آهن ٻين صوبن کان ماڻهو آڻي انهن کي سنڌ ۾ روزگار ڏنو وڃي ٿو پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند آهن، هن ناحق ۽ ظلم جا ذميوار حڪمران آهن. هن چيو ته هن وقت سنڌ جي 15 هين بجٽ پيش ٿي رهي آهي، گذريل 14 بجيٽن ۾ کربين رپيا رکيا ويا پر ڪٿي به ڪو ڪم نه ٿيڻ سبب اهي پئسا ليپس ٿي ويا. هن چيو ته اسڪولن جي صورتحال ايتري خراب آهي جو ڪيترن ئي هنڌن تي بغير ڇتين جي معصوم ٻار پڙهائي ڪن ٿا صحت جي حوالي سان تباهي لڳي پئي آهي، رتوديرو تعلقي ۾ ايڊز خطرناڪ حد تائين ٿي وئي آهي پر پوءِ به ان جي روڪٿام لاءِ ڪي اپاءَ نه ٿا ورتا وڃن اسان مٿان هٿرادو بک مڙهي وئي آهي، سنڌ جو ماڻهو انتهائي خوشحال آهي، جنهن کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين کيڙي پئي آهي پر پاڻي ڪونهي جو پوک ٿئي، سنڌ کي آئين موجب پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته غداري جا ڪيس اسان مٿان نه پر سنڌ جو پئسو هڙپ ڪندڙن مٿان داخل ڪيا وڃن.هن چيو ته هنن مڪاني چونڊن ۾ سنڌ جي دشمنن کي ووٽ نه ڏيو ووٽ ان اميدوار کي ڏيو، جيڪو سنڌ جو سڄڻ هجي. هن چيو ته اسان 26 هين جون تي جيڪو پنجاب جا رستا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو اهو بلدياتي چونڊن سبب ملتوي ڪيو آهي، هاڻي 3 جولاءِ تي سنڌ جي حقن لاءِ حيدرآباد ۾ ڌرڻو هڻي پنجاب ويندڙ روڊ رستا بند ڪنداسين، جنهن ۾ عوام کي ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل آهي، ان موقعي تي هن سان گڏ جسم جا مرڪزي اڳواڻ عبدالغفار ميرجت، پنهل جمالي، اسد الله سومرو ، اياز بليدي، علام پناهه ابڙو، ديشي ميراڻي، نعمان چنو ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.