قاضي احمد ۾روڊ حادثو، سئوٽن جي شادي لاءِ سامان خريد ڪري ڳوٺ ويندڙ 2 ڀائر فوت

قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو) قاضي احمد ۾ قومي شاھراھ تي تيز رفتار ٽرالر جو چنگچي رڪشا کي زوردار ٽڪر  لڳڻ جي نتيجي  ۾ محمد موسيٰ جتوئي، سندس ڀاءُ محمد عيسيٰ جتوئي، امتياز ملاح، سائين بخش جتوئي۽ غلام محمد جوڻو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتان ڳوٺ حاجي آچر جتوئي واسي ٻن ڀائرن محمد موسيٰ جتوئي ۽ محمد عيسيٰ جتوئي کي نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سھندي ٻئي ڀائر  فوت ٿي ويا. معلوم ٿيو آهي ته فوتين جي ٻن سئوٽن جي شادي رٿيل هئي، جنهن  جي سنبت لاءِ هو شهر مان خريداري ڪري ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.