ڀانن ڀرسان گهٽيءَ جي معاملي تان جهيڙي دوران فائرنگ، 2 سڳا ڀائر مارجي ويا

ڀان سيدآباد (رپورٽ:آدم مينگل)ڀان سيد آباد ڀرسان شاهه شڪرگنج ۾ رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهٽيءَ جي معاملي تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 2 سڳا ڀائر مارجي ويا، هڪ ڄڻو زخمي.رپورٽ موجب ڀان  سيدآباد ڀرسان خدا آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهه شڪرگنج  ۾ رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 2 ڀائر رجب ۽ جمن مارجي ويا جڏهن ته ممتاز رند زخمي ٿي پيو. پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوليس موبائل ۾کڻي دادو اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس موجب واقعو گهٽي مان رستو نه ڏيڻ تي پيدا ٿيل تڪرار سبب پيش آيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ڌر تڪراري گهٽي تي سرون لهرائي اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ جي تياري ڪئي ته جهيڙو ٿي پيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.