اسان وٽ اليڪشنون چورايون وڃن ٿيون: زين شاهه

سڪرنڊ (ن ع آ ) سڪرنڊ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته اسان وٽ اليڪشنون چورايون وڃن ٿيون ۽ نتيجا به  پنهنجي مرضيءَ موجب حاصل ڪرڻ جو نظام رائج ٿيل آهي جيئن ملڪي نظام ۾ ڏاڍ جبر ۽ هٿرادو قانون آهن بلڪل ايئن اليڪشني نظام به ان جو حصو آهي نڪو ملڪي نظام صاف سٿرو آهي نه ڪو اليڪشني نظام هُو ميمڻ برادري پاران ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي وارڊ 9 جي اميدوار شوڪت حسين ميمڻ جي حمايت ۾ ميمڻ اوطاق تي ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي چيو, هن چيو ته سُڪون جي زندگي گزاري رهيا آهيون صرف ان ڪري ته ٻه نمبري ، چور بازاري ، ڪرپشن يا ڪنهن به قسم جي اڻ وڻندر يا غير قانوني ۽ غير اخلاقي سرگرمين جي ويجهو بلڪل به ناهيون ايترو حساس آهيون جو ڪپڙي تي ننڍڙو داغ لڳڻ کان به ڊڄندا آهيون اهوئي سبب آهي جو مڪاني چونڊن ۾ اتحادين  سان گڏجي جڏھن اميدوار بيهاري رهيا هئاسين ته کائن سڌي ڳالھ ڪئيسين ته جيڪڏھن همٿ هجيوَ ته بيهو پر بيهي هٿ کڻي اسان کي مهڻا نه ڏيارجو هن عوام کي چيو ته مايوس نه ٿيو ڇاڪاڻ جو فطري قانون آهي ته حق کي غالب ٿيڻو آ ۽ باطل کي ختم ٿيڻو آ ان موقعي تي عبدالرشيد ميمڻ ۽ نظام.الدين ميمڻ پاران  سيد زين شاھ کي اجرڪون اوڍايون ويون ڪارنر گڏجاڻي کي ايس يو پي جي ڊويزنل صدر فلڪ شير اوڏ ، علي بخش ڪيريو ، قاسم سومرو ، عبيد الله ڪيريو پڻ خطاب ڪيو جڏھن ته وارڊ 1 جو اميدوار همٿ خاصخيلي ، وارڊ 2 جو اميدوار پرويز سومرو ۽ وارڊ 12 جو اميدوار لياقت خانزاده پڻ موجود هئا.

  • اوٻاوڙو ۾ پ پ ۾ ٻه گروپ ٿيڻ سبب ترقياتي ڪم نه ٿيا، خلق پريشان

اوٻاوڙو ( رپورٽ : جان محمد ڀٽو ) اوٻاوڙو ۾ پ پ جي لنڊ گروپ پي ٽي آءِ  جي باغي ايم پي اي مير شهر يارخان شر جي شر گروپ ۽ ڃام  گروپ جي سياسي مخالفت جي ڪري اوٻاوڙو ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ٿي نه سگيو ناليوں ناڪاره روڊ کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن گليون ٽٽل ڪٿي به مرمتي ڪم ناهي ٿيو شهرين جو جيئڻ جنجال ٽڪيٽون ورهائڻ کان پهريون لنڊ گروپ شهر ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، جڏنهن شهر جا 10 ئي وارڊ سينيٽر ڄام مهتاب حسين خان ڏهر کي ملڻ جي اعلان کان فورن بعد لنڊ گروپ سان گڏ ترقياتي اسڪيمون به شهر مان غائب ٻهراڙين جون 20 يوسيون شر ۽ لنڊ گروپ کي ملڻ جي ڪري وري ڄام گروپ طرفان اعلانيل اسڪيمون ڳوٺن مان غائب سياسي ڪشمڪش جي ڪري شهر سان گڏ ڳوٺاڻان به پريشان پ پ جا نظرياتي ڪارڪن خاموش آزاد اميدوار نه ۾ خوشي ڇانيل ٻهراڙي جي آزاد اميدوار ن جي پ پ جو ڄام گروپ مڪمل حمايت پيوڪري جڏنهن ته شهر جي تمام وارڊن تي بيٺل آزار اميدوار ن جي وري لنڊ ۽شر گروپ مڪمل ورڪ پيا ڪن لنڊ گروپ جو چوڻ آهي ته ڃام مهتاب ڏهر مهر گروپ سان اتحادي هجڻ جي ڪري 6 وارڊ مهر گروپ جي ماڻهن حوالي ڪيا آهن ڏٺو وڃي ته ڪافي يوسين جي پ پ جي ٽڪٽ هولڊرن جو پ پ سان ڪڏنهن واسطو ئي ناهي رحيو اوٻاوڙو تعلقي ۾ پ پ جي گروپ بندي جي ڪري 3 ٽئي ڌر فائدو وٺي سگهي ٿي 2018 جي اليڪشن ۾ ڃام گروپ جون کٽيل يوسيون به لنڊ گروپ حوالي جڏنهن ته لنڊ ۽شر گروپ جا کٽيل 8 وارڊ وري ڃام گروپ حوالي شهرين جو چوڻ آهي پ پ ڃام مهتاب ڏهر کي سياسي طور ديوار سان لڱايو آهي ياد رهي ته ڃام گروپ کي 20 يوسين مان چئيرمين وائيس چئيرمين يا ضلعي ڪائونسل جي هڪ سيٽ به ناهي ملي

  • ٿر ۾ پ پ اُميدوار بنا مقابلي ڪاميابي جي ڊوڙ ۾ رُڌل

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿرپارڪر ضلعي ۾ باقائده اليڪشني سرگرميون شروع ٿي ناهن سگهيون،پ پ جا اُميدوار بنا مقابلي ڪاميابي جي  ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويا آهن،جيڪي ڏينهن ۽ رات ڪوششون ڪري آزاد اُميدوارن کي هٿ کڻائڻ ۾ رُڌل آهن،جنهن سبب شهرن ۾ به ڪٿي اليڪشن جي سرگرمين بابت ڪئمپون قائم ٿي ناهن سگهيون،مٺي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو،ڏيپلو،ڪلوئي،ننگرپارڪر،چيلهار سميت ٻين شهرن ۾ ڪٿي به پ پ اُميدوارن پاران ڪئمپ آفيس ناهي کولي وئي،سندن خاموشي تي ووٽر به ٻُڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن،جڏهن ته اُميدوارن پاران وارڊ يڪراءِ ڪرڻ وارو خواب پورو ٿي ناهي سگهيو،شهرن سميت يوسين ۾ پي ٽي آءِ،جماعت اسلامي،جي يو آءِ،ايس ٽي پي،قومي عوامي تحريڪ سميت وڏي انگ ۾ آزاد اُميدوارن پنهنجا ورڪ تيز ڪري ڇڏيا آهن،جن کي ورڪن دوران عوام پاران ڀرپور موٽ ڏني پئي وڃي،پر پ پ اُميدوارن ڪتي به ورڪ مهم جو آغاز ناهي ڪيو،جنهن سبب مختلف جماعتن ۽ آزاد اُميدوارن لاءِ روڪ مهم جو رستو صاف ٿيل نظر اچي رهيو آهي،مليل رپورٽن موجب ته پ پ اُميدوارن پاران اليڪشن جو خرچ بچائڻ جي چڪر ۾ اليڪشن جي آخري ڏينهن ۾ ڪئمپون کولي سرگرميون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،مليل رپورٽن موجب ته پ پ ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست تان پيدا ٿيل اختلافن کانپوءِ پ پ اُميدوارن جي سامهون پ پ جا باغي اڳواڻ اليڪشن ۾ بيٺل هئڻ ڪري نقصان پ پ کي وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان نظر اچي رهيو آهي،عام ماڻهو پنهنجن آزاد اُميدوارن توڙي اتحادين کي اهميت ڏيئي رهيا آهن،جنهن سبب هن دفعي اليڪشن ۾ سخت مقابلا ٿيڻ جا امڪان واضع نظر اچي رهيا آهن،

  • مڪاني چونڊ، وڏي وزير جون سيوهڻ ۽ ڀان ۾گڏجاڻيون

سيوھڻ/ڀان(نمائندا ) سنڌ جو وڏو وزير سيدمراد علي شاهه ڪالهھ پنهنجي اليڪشن تڪ سيوھڻ پھتو وڏو وزير جڏهن ڪراچي کان جهاز  ذريعي شهباز ايئرپورٽ تي پهتو ته ڊي سي ڄامشورو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو سندس استقبال ڪيو، جڏهن ته ايم اين اي سڪندر راهپوٽو ۽ سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري محمد سليم باجاري وڏي وزير سان گڏ هئا. وڏي وزير سيد مرادعلي شاه راهپوٽا هائوس ٻنڀا ۾ مڪاني چونڊن بابت 3 يوسيز جو اجلاس منعقد ڪري ضروري فيصلا ڪرڻ بعد سيوھڻ شھر جي باجاري ھائوس پھتو جتي ھن اجلاس جي صدارت ڪندي بلدياتي اليڪشن ۾ اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاء پارٽي اڳواڻن ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، پ پ ضلعي صدر سيد آصف علي شاه، شمن راهپوٽو، سيد غلام ھادي شاهه, منظور سومرو ۽ ٻين اميدواران سان صلاح مشورا ڪيا ويا، اجلاس ۾ ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي 15 وارڊن، 6 يوسيز جن ۾ يوسي جھانگارا، يوسي باجارا, يوسي چنا, يوسي آراضي, يوسي آمري, يوسي شالماڻي ۽ يوسي سن جي پ پ اميدوارن بہ شريڪ ٿيا، اجلاس دوران وڏي وزير سيدمرادعلي شاه اميدوارن کان انٽرويو ورتا.  ٻڌايو وڃي ٿو وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران تعلقي سيوهڻ جي 10 يوسيز، ھڪ ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ ۽ هڪ ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد جي اميدوارن جي لسٽ ٺاهي پارٽي قيادت کي اماڻي ويندي. جنهن بعد اميدوارن جي نالن جو حتمي اعلان ڪيو ويندو. ٻئي طرف جڏهن صحافين وڏي وزير سيدمرادعلي شاهہ سان ميڊيا ٽاڪ جي ڪوشش ڪئي ته وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سنڌ جو وڏو وزير سيدمرادعلي شاهہ ڪراچي کان جهاز ذريعي شهباز ايئرپورٽ تي پهتو جتي ڊي سي ڄامشورو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو سندس استقبال ڪيو، ايم اين اي سڪندر راهپوٽو ۽ سليم باجاري بہ وزيراعلي سنڌ سان گڏ موجود هيا، بعد ۾ وڏي وزير سيد مرادعلي شاه جي صدارت هيٺ راهپوٽا هائوس ٻنڀا ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، پ پ ضلعي صدر سيد آصف علي شاه، محمد صديق ميمڻ، امان الله شاهاڻي، شمن راهپوٽو، شجاع احمد راهپوٽو، امداد ٻگهيو،ايڊوڪيٽ نويد ميمڻ، نورنبي هاليپوٽو، نجم الدين سهتو، پيرشفيق احمد ويهڙائي، نثارلنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ اميدوارن جي نالن کي فائنل ڪرڻ لاء صلاح مشورا ڪيا ويا، اجلاس ۾ يوسي ٻنڀا، يوسي شيخ، يوسي ٽلٽي ۽ ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد جا پ پ اميدوار بہ شريڪ ٿيا، اجلاس دوران وڏي وزير سيدمرادعلي شاه اميدوارن کان انٽرويو ورتا، بعد ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهہ واهڙ پهتو جتي يوسي واهڙ، يوسي بوبڪ ۽ يوسي جعفرآباد جي اميدوارن سان ملاقات ڪري سندن انٽرويو ورتا، وڏي وزير سيد مرادعلي شاه تعلقي سيوهڻ جي 10 يوسيز، هڪ ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد ۽ هڪ ميونسپل ڪميٽي سيوهڻ جي اميدوارن کان انٽرويوز بعد لسٽ ٺاهي پارٽي قيادت کي اماڻي ويندي. جنهن بعد امڪان آهن تہ پ پ جي اميدوارن جي نالن جو حتمي اعلان سڀاڻي تائين ڪيو ويندو.

  • 15 سال حڪومت ڪندڙ پ پ تباهي ڪئي آهي: ڊاڪٽر صفدر عباسي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي قمبر تعلقي جي ڳوٺ مهي مڪول جو دورو ڪيو جتي جي ڊي اي اڳواڻن غلام رسول مڪول، اصعر مڪول ۽ ٻين سندس جو استقبال ڪيو. دوري دوران ڊاڪٽر صفدر علي عباسي مڪاني چونڊن جي حوالي سان جي ڊي اي اڳواڻن سان ملاقات ڪري اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي اڪثر تڪن جي دوري دوران عوام طرفان جي ڊي اي جي اميدوارن جي ڀرپور حمايت تي آءُ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي عوام جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ڇاڪاڻ عوام ڄاڻي چڪي آهي ته 15 سال حڪومت ڪندڙ اڳ به سنڌ ۾ 10 سال حڪومت ڪئي پر انهن تباهي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪريل حرڪتن تي لهي آهي پر ان جي باوجود جي ڊي آءِ جا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا. هن چيو ته پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري غريب عوام سان گڏ ملڪ جو به نقصان ٿي رهيو آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته سياست ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر پاڪستان ۽ عوام جي مفادن واري سياست بهتر آهي جنهن سان عوام کي رليف ملي ۽ انهن جا اهنج دور ٿين. ان کان اڳ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ڳوٺ سارنگ کهاوڙ، سوايا ڦل ۽ لالڻ چاچڙ ۾ مختلف برادرين جي معززن سان تعزيت پڻ ڪئي.

  •  هتي هميشه مهر گروپ ئي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن: راجا خان مهر

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي وارڊ نمبر 14 مهر گروپ جي اميدوار ايڊووڪيٽ صدام چند ڪيولراماڻي ۽ هندو برادري جي طرفان ڪارنر ميٽنگ منعقد ڪئي جنهن ۾ ايم پي اي پي ايس 21 گهوٽڪي علي نواز خان عرف راجا خان مهر, سيد اصغر علي شاه گيلاني, سيد الله ودايو شاھ, مکي ڪيڪا رام, وارڊ نمبر 12 مهر گروپ جي اميدوار اشوڪ ڪمار هيمراجاڻي, ٽيڪم داس, اوم لال, ايڊووڪيٽ اصغر علي پنهيار, چندر لال, ايڊووڪيٽ ايشور لال سميت هندو برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايم پي اي پي ايس 21 گهوٽڪي علي نواز خان عرف راجا خان مهر ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي, تعلقي ۽ شهر ۾ هميشه مهر گروپ ئي ڪم ڪرايا آهن گهوٽڪي جي شهرين کي تعليمي ادار صحت جون سهولتون فراهم ڪيون آهن, هن چيو ته سيد اصغر علي شاهه گيلاني جي چيئرمين دور ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي گهوٽڪي شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن, اسان جو اوهان سان پنهنجائپ, پيار, عزت ۽ احترام وارو رشتو آهي جيڪو هميشه قائم رهندو, پاڻ سڀ امن پسند ۽ شرافت واري سياست ڪندڙ آهيون, انشاءَﷲ گهوٽڪي شهر جي عوام جي طاقت سان 26 جون تي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين مهر گروپ جا سمورا اميدوار عوامي خدمت جو جذبو رکن ٿا, جيڪي پنهنجي صاف شفاف ڪردار جي سبب اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا.

  • مٽياري ضلعي ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ  1629 اميدوارن فارم ورتا

مٽياري (ت ر) مٽياري ضلعي جي 30 يوسيز، 06 ٽائون ڪاميٽين ۽ ھڪ ميونسپل ڪاميٽي تي بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ 1629  اميدوارن پاران فارم وصول ڪيا ويا ھئا ، جن مان مختلف اميدوارن پاران فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي، ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن پاران اميدوارن جي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ ڪري پندرھن جون رکي وئي آهي، مٽياري ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسل، ٽائون ڪميٽيز، ۽ ھالا ميونسپل ڪميٽي سميت مختلف اميدوارن پاران فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي جيڪو پندرهن جون تائين جاري رهندو،

  • کهڙا ۾ پ پ اميدوار  پاران چونڊ سرگرميون تيز، ڪارنر گڏجاڻيون

کهڙا ( ن ع آ پ پ اميدوار ميان رازقڏني پنهنجي وارڊ ۾ پينافليڪس ۽ پارٽي جهنڊا هڻائي ڇڏيا پيپلزپارٽي جي نامزد کهڙا ٽائون ڪاميٽي  جي وارڊ نمبر 5 جي جنرل ڪائونسلر جي اميدوار ميان رازقڏني اڄڻ پنهنجون بلدياتي چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آھن پيادل ورڪ. ڪارنر گڏجاڻين. ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي ميان رازقڏني اڄڻ وارڊ جي مختلف هنڌن جا طوفاني دورا ڪيا جتي عوام پاران سندس جو شاندار استقبال ڪيو ۽ ووٽ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ميان رازقڏني اڄڻ جي ڪاميابي جا چٽا امڪان نظر اچڻ لڳا آھن کهڙا جي ڀٽائي ڪالوني واسين رضوان احمد شيخ. برڪت علي آرائين ۽ ٻين پاران ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پ پ اميدوار ميان رازقڏني اڄڻ چيو ته بلدياتي چونڊ ۾ مخالفن کي شڪست ملندي پ پ پ عوامي جمهوري پارٽي آھي اسان هميشه عوام جي خدمت ڪئي آھي ۽ ڪندا رهنداسين ان موقعي تي اشرف آرائين. صادق علي. امداد دايو. ذيشان آرائين. رستم علي اڄڻ. ميان بادشاه. ميان ياسين احمد ۽ ٻيا ڪالوني واسي توڙي پ پ ورڪر موجود هئا.

  • فيض گنج ۾چونڊ چهچٽو، 46 اميدوارن جا فارم رد

فيض گنج (ن ع آ ) فيض گنج تعلقي جي ٻن ٽائون ڪاميٽين پڪاچانگ ۽ ڪرونڊي ٽائون ڪاميٽي ۽ تعلقي فيض گنج جي ڏھ يونين  ڪائونسلن يونين ڪائونسل شوڪت خان راڄپر،  يونين ڪائونسل ننگر خان، يونين ڪائونسل ڪوٽ لالو،بيونين ڪائونسل امن چودڳي،  يونين ڪائونسل ڀنگو بهڻ،يونين ڪائونسل رضا آباد، يونين ڪائونسل ڪرم خان، يونين ڪائونسل خوش خير محمد هيسباڻي ۽ يونين ڪائونسل ڪنڊياري ۾ بلدياتي اليڪشن جا فارم ڀرائيندڙ 444 اميدوارن مان 46 اميدوارن جا فارم مختلف اعتراض ڄاڻائي رد ڪيا ويا آهن. فارم رد ٿيندڙن ۾ جي ڊي اي، سنڌ يونائٽيڊ، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، پيپلز پارٽي، آزاد اميدوار ۽ راڄوڻي اتحاد جا اميدوار شامل آهن. جن اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آهن انهن ۾ جي ڊي اي جو اميدوار علي جان راڄپر، محمد ملوڪ شر، شاڪر مرتصي راڄپر، مرتصي راڄپر، دائود راڄپر، شهباز خان راڄپر، اصغر راڄپر، ميان خان، پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ٽائون ماڪيٽي پڪاچانگ جو چيئر مين سيد جئيل شاھ، مشڪور شر سميت 46 اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا جڏهن ته تعلقي جي نئين يونين ڪائونسل  شوڪت راڄپر 50 نمبر تي جي ڊي اي جي سموري پينل جا فارم رد ڪيا ويا. سندن مقابلي ۾ بيٺل  پيپلز پارٽي پاران چئيرمين واري سيٽ تي اليڪشن ۾ حصو وٺندر پيپلز پارٽي تعلقي صدر حسيب الرحمن راڄپر سميت سندس  سموري پينل کي غير حتمي غير سرڪاري تنجن موجب بنا مقابلي ڪامياب قرار ڄاڻايو ويو آهي. جن اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آهن انهن ۾ وڏو انگ جي ڊي اي سان تعلق رکندڙ اميدوارن جو آهي ان سلسلي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ارسلان خان ٻانڀڻ،  اميدوار علي جان راڄپر، شاهد خان شر، محمد ملوڪ شر. شاڪر راڄپر، مرتصي راڄپر، خادم حسين راڄپر ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيوته آر او ٽي آراو سميت سموري سرڪاري مشنري حڪومتي ڌر جي ونگار پئي وهي. يوسي آر او فوج علي شر جيڪو تعليم کاتي سان  لاڳاپيل آهي گذريل ٽن ڏينهن کان اسان کي مختلف طريقن سان حراسان ڪرڻ سان گڏ وڌ گهٽ ۽ غلط ٻولي جو استعمال ڪيو آهي.

  • پليجاڻي يوسي ۽ يوسي پنون جي اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

پليجاڻي (ن ع آ)پليجاڻي، پ پ  ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم رفيق زمان طرفان جوڙيل پينل يوسي 25 پنون ۽ يوسي پليجاڻي 21 جي اميدوانطرفان بلدياتي اليڪشن جا فارم جمع  ڪرائي ورتا آهن، پليجاڻي يوسي 21 جي اميدوار ضلعي ڪائونسل ميمبر جي لاءِ  ارشد سوھو، يوسي چيئرمين لاءِ عبدالغفار کوسو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ اياز خاصخيلي ۽ ديھن جي جنرل ڪائونسلرن پارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. يوسي پنو 25 جي اميدوار ضلعي ڪائونسل ميمبر لاءِ گل ضمير عرف جاني ڏيٿو، چيئرمين آفتاب ميمڻ، وائيس چيئرمين عبدالرشيد ٽڳڙ آر او آفيس پھچي پنھنجا  فارم جمع ڪرائي  ڇڏيا.

  • کهڙ ا ۾ چونڊ چهچٽو ،جي ڊي اي اميدوارن پاران چونڊ سرگرميون ۽ گڏجاڻيون

کهڙا ( ن ع آ )   کهڙا ۾ بلدياتي چونڊ چهچٽو. جي  ڊي اي اميدوارن پنهنجون چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. پ پ پ ۽ جي ڊي اي ۾ سخت مقابلو. ڪارنر گڏجاڻين جو سلسلو شروع. کهڙا ٽائون ڪاميٽي جي مختلف وارڊن تي جنرل ڪائونسلر جي جي ڊي اي جي نامزد اميدوارن ميان پيربخش اڄڻ. غفار احمد سومري. مخدوم شاهريز هاشمي. ممتاز علي سهتي. ارشاد علي گلال. غلام عباس رتڙ. سيد اطهر شاه پنهنجون بلدياتي چونڊ سرگرميون تيز ڪندي عوامي رابطا مهم. ڪارنر گڏجاڻين. ملاقاتن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آھي جي ڊي اي اميدوارن ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو آھي ته بلدياتي چونڊن ۾ جي ڊي اي جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندا. عوام آزمايلن کي وري نه آزمائيندو. شھر جو باشعور عوام جي ڊي اي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو.

  • مخالف بوکلائجي ويا آهن، ميدان تي اچي مقابلو ڪن: اميد علي راهمون

نئون ڪوٽ (ن ع آ) ٽائون ڪميٽي نئون ڪوٽ جي وارڊ نمبر 8 تان پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙھندڙ ڪائونسلر اميد علي راھمون مخالف  اميدوارن جي اعتراضن کي رد ڪندي چيو آهي ته نه ڊفالٽر آھيان نه ئي ڪا نوڪري کپائي آهي مخالف جنهن بئنڪ جو ڊفالٽر ڄاڻايو آهي ان بئنڪ نوڊيوز کين ڏنو اصل ۾ آئون پ پ جو ھڪ ورڪر ۽ ٽائون ڪميٽي نئون ڪوٽ جو ريٽائرڊ ملازم آھيان پ پ ضلعي قيادت مون کي ٽڪيٽ جاري ڪيو آهي، منھنجا مخالف منهنجي ھٿان امڪاني شڪست جي خوف کان بوکلائجي غير ضروري اعتراض ڪري رھيا آھن جن کي آر او رد ڪري چڪو آهي مقابلو ميدان تي ٿيندو باقي غير ضروري اعتراض ڪرڻ وقت جو ذيان آهي.

  • يوسي ٻاڦو جي اميدوارن پاران سوين گاڏين جي جلوس ۾ چونڊ مهم جاري

ڪوٽڏيجي (ن ع آ ) ڪوٽڏيجي  تعلقي جي يونين ڪاونسل ٻاڦو تي نامزد پ پ پ جي حامي اميدوران ضمير حسين راڄپر (پاتو ) اعجاز علي سولنگي پاران چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون پ پ پ جي حمايت يافتا اميدوارن يونين ڪاونسل ٻاڦو ۾سوين گاڏين جو جلوس ڪڍي چونڊ مھم شروع ڪري ڏني ڳوٺ نيباھو راڄپر  متارو راڄپر ملھير راڄپر کنياري پاتا خير محمد پاتو کان ريلي شروع ٿي جيڪا مختلف ڳوٺن ۽ روٽن کان شروع ٿي ۽ جلوس جي شڪل اختيار ڪري ورتي ان موقعي تي وڏيري عبد الله  بروھي سيد يتيم علي شاھ بخاري  وڏيري اياز سولنگي تپيدار مشتاق راڄپر اظھر علي مھراڻي  وڏيري فاروق پاتو عبدالڪريم عبدالشڪور ۽ محمد علي انصاري علي شير ڀنڀرو جاويد علي بڙدي  سوڍو خان سونيو ۽ ٻين چيو ته انشاء الله 26 جون تي پ پ پ جو حمايت يافته پينل چيرمين ضمير حسين پاتو ۽ وائيس چيرمين اعجاز علي سولنگي ڪامياب ٿيندا ھنن چيو ته مخالفن کي شڪست کان ڪير بچائي  ڪونه سگھندو پ پ پ قيادت منظور حسين وساڻ نفيسا شاھ جيلاني حاجي امتياز ملاح محبت خان راڄپر جي ڀرپور حمايت حاصل آھي .ھنن چيو ته انشاء الله تعالي ڪامياب ٿي عوام جي ڀرپور خدمت جاري رکنداسين .

  • گهوٽڪي مڪاني چونڊ، اميدوارن جو سرگرميون تيز

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ضلعي جي علي باغ واري علائقي ۾ سياسي چونڊ چهچٽو شروع ٿي ويو آھي يوسي علي باغ تي پ پ پاران ضلعي ڪائونسل جو اميدوار ميان سراج احمد ڀيو، چيئرمين جي اميدوار سعيد احمد مهر، وائيس چيئرمين جي اميدوار سليمان پتافي ۽ ٻين پاران چونڊ عمل جي ورڪ شروع ڪئي وئي آھي پ پ اميدوارن پاران يوسي علي باغ جي مختلف ڳوٺن جا دورا پڻ ڪيا ويا آھن دورن دوران عوام پاران پ پ اميدوارن کي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو ويو آھي، هوڏانهن جي ڊي اي جو اميدوار اڳوڻو ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر هن مهل تائين يوسي جي ڪنهن به علائقي ۾ ورڪ تي ناهي نڪري سگهيو جنهن سبب اڳوڻي ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر جي مقابلي ۾ پ پ اميدوارن جي پوزيشن مظبوط نظر اچي رهي آھي، هوڏانهن يوسي علي باغ واسي، پ پ يوٿ جي ضلعي اڳواڻ حاجي محمد مهر جو چوڻ هو ته پ پ عوامي پارٽي آھي جنهن هر دور ۾ عوام جي خدمت ڪئي آھي مڪاني چونڊن ۾ سموري ضلعي مان پ پ جا اميدوار ئي سوڀارا ٿيندا

  • ٽالپر وڏا ۾ پ پ   اميدوارن  جي ڪارنر  گڏجاڻي  ، مختلف برادرين طرفان ووٽ ڏيڻ جي خاطري

ٽالپر وڏا (ن ع آ )  يوسي ٽالپر وڏا ۾ ڪارنر گڏجاڻي استاد واجد حسين قاضي جي رھائش گاھ تي ٿي گُذري جنهن ۾يوسي ٽالپروڏا جي ضلعي ڪائونسل جو نامزد اميدوار استاد واجد حسين قاضي يوسي ٽالپر وڏا جي  چيئرمين عقاب راجپر، غوث بخش خاصخيلي، مير شاهزيب ٽالپر، غلام رضا، قاضي ساجد حسين قاضي  ۽ ٻين شرڪت ڪئي ،ڪارنر گڏجاڻي ۾ چيو استاد واجد حسين قاضي چيو  ته پي پي عوامي پارٽي آھي،عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا. ، ڪائونسل ۾ چونڊيجي پنھنجي يوسيءَ جي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو چونڊجي اوھانجا مسئلا ڪائونسل ۾ اٿاري انھن کي حل ڪرائينداسين. اوھان پنھنجي ووٽ جو صحيح ۽ سٺي نموني سان استعمال ڪريو ڇاڪاڻ جو اوھان جو ووٽ اوھانجي مسئلن جو حل آھي. ھتان جي يوسي ۾ جيڪي به بنيادي مسئلا آھن. جن ۾ روڊ، ڊرينيج، تعليم، صحت، صاف پاڻي، بجلي ۽ گئس سميت سمورا مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. 26 جون تي پنھنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا ۽ پنھنجي خدمت جو موقعو ڏيندا. ان موقعي تي موجود مختلف برادرين چنا، سومرا،سيد، جٽ،ابوپوٽا،ٿيٻا، راڄپر ٻٻر چاڪراڻي،مھر، لاشاري، بروھي، شر، خواجا، شيخ، منگي، ٽالپر، سھاڳ، چانڊيا، ملاح، قاضي، خاصخيلي  سميت سڀني برادرين جي چڱن مڙسن ۽  يوسي ٽالپروڏاشامل ھئا. جن کين مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي ووٽ ڏيڻ جي يقين ڌياني ڪرائي.

  • هٿرادو مهانگائي غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسيو: عادل الطاف انڙ

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري جي سيال ۽ جوڻيجا برادري جي چڱن مڙسن محمد سليمان سيال، حاڪم علي سيال،سڪندر علي سيال، سعيد  احمد سيال، واجد علي جوڻيجو پنهنجي برادري سميت پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري جي عادل الطاف حسين انڙ جي موجودگي ۾ پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري ڊي اي انڙ گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪارنر گڏجاڻي ۾ سوين جوڻيجا ۽ سيال برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. انهيءَ موقعي تي عادل الطاف حسين انڙ خطاب ڪندي چيو ته جيستائين ڪرپشن جا ملڪ کان ٻاهر پيل اربين روپيا واپس نٿا آندا وڃن تيستائين ملڪ ۾ معاشي استحڪام خواب بڻيل رهندو، ھٿرادو مهانگائي جي طوفان غريب عوام کان جيئن جو حق کسي ورتو آهي جنهن جي ذميوار موجوده حڪومت آهي،ڏوڪري ۽ باقراڻي جو عوام انڙ خاندان سان گڏ آهي. انهيءَ موقعي تي عبدالحميد جيسر،لياقت سومرو، علي اصغر ميمڻ، مير شڪيل مينگل ٻيا پڻ شامل ھئا، انھيءَ کان اڳ ٿهيم پاڙي ۾ عبدالله ٿهيم جي گهر واري عذرخواهي پڻ ڪئي.

  • مقصودي رند ۾ پ پ اميدوارن جون ڪارنر گڏجاڻيون

مقصودو رند(ن ع آ)يوسي مراد علي رند ۾ پ.پ اميدوارن سائينداد خان رند، حاجي خان رند، مجيب الرحمان رند، الطاف حسين رند، عنايت علي رند ۽ ٻين پاران مختلف ڳوٺن محرم خاصخيلي، راحب خاصخيلي، حاجي رند، درگاھ سخي سلطان فقير لڳ محبت رند ۽ ٻين ڳوٺن جا دورا ڪري ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ان موقعي تي پ.پ اميدوارن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا جڏھن ته مختلف برادرين خاصخيلي برادري، رند برادري پاران مڪمل ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو جڏھن ته گڏجاڻين کي خطاب ڪندي پ.پ اميدوارن سائينداد خان رند، حاجي خان رند ۽ ٻين چيو ته يوسي مراد علي رند ۾ انشاالله پ.پ ڪامياب ٿيندي ۽ عوام پاران ڀرپور موٽ ملي رھي آھي جنھن جا اسان شڪر گذار آهيون انشاالله اسان ڪامياب ٿي يوسي جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.