حڪمرانن پاڻي بند ڪري يزيدي ڪردار ادا ڪيو آهي

ڪڍڻ ( رپورٽ : بابو کوسو ) لاڙ سنڌ ضلعي بدين جي ڏاکڻين تاريخي ماڳ شيخاڻي گهاڙي وٽ صوفي بزرگ حضرت يوسف فقير جتي ستي جي درگاھ تي صوفياڻي روايتي لطيفي ڪچهري کي خطاب ڪندي سينئر صحافي عبدالغفور چانڊيو چيو ظالم حڪمرانن علائقي جو پاڻي بند ڪري يزيدي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن نتيجي ۾ سڄو علائقو اجڙي برباد ٿي چڪو، سنڌ جي عظيم شخصيت ڀٽائي جي عاشق ايوارڊ يافته فقير ناٿو خان لنڊ سندس پونئيرن جي ڪنهن به سار نه لڌي آهي هزارين رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي زندگيءَ جي ڪا به سهولت ميسر نه آهي. هيڏن هاڃن هوندي به هي زنده دل فقير هر مهيني جي 12 چنڊ واري رات صوفياڻي بروحاني ڪچهري مچائين ٿا کين سلام آهي ، فقير خادم علي لنڊ. غلام شبير، فقير شجائت. منٺار فقير. لالن فقير، ناٿو ميگھواڙ، طوطارام،نظر محمد فقير ۽ٻين محفل کي مخاطب ٿيندي ڀٽائي گهوٽ جي سڀني سرن ۽ مولوي احمد ملاح رح جي شاعري پيش ڪندي ڏکارا ٿيڻ لگا. هنن پنهنجي چونڊيل نمائندن جي بي توجهي ۽ ظلم جي مذمت ڪندي چيو ته اسان کي هنن نظرانداز ڪيو آهي هاڻ اسين به پنهنجي ووٽ جو استعمال سوچي سمجهي ڪنداسين ڪچهري ۾ محفل موسيقي ۾ صوفياڻي سڄي رات رهي جنهن ۾ صوفياڻون راڳ به پيش ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.