حيدرآباد ۾ بجلي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري نوجوان فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ بجلي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري هڪ اڻڄاتل نوجوان فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته سائيٽ ايريا جي علائقي بسم الله ٽائون ڀرسان هڪ اڻڄاتل نوجوان بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي تار لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري ٿنڀي تان هيٺ ڪري پيو ۽ فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. سائيٽ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪپڙن مان فوتي نوجوان پورهيت لڳي ٿو ۽ علائقي مان ڪو به سندس سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. لاش کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال حيدرآباد جي مرده خاني ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.