اوٻاوڙو ۾ بدامني، هٿيارن جي زور تي ڦر، ٽائرن کي باهه، پوليس خلاف ڌرڻو

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ )  اوٻاوڙو ۾ امن جو پکي اڏامي ويو بدامني وڌي وئي پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام کنڀڙا ٿاڻي حد مريد شاخ وچ شھر مان ڏينھن ڏٺي ھندو  واپاري نارائڻ داس کان نامعلوم ھٿيار بندن  ھٿيارن جي زور تي 10 لک روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فائرنگ ڪندي آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع باوجود کنڀڙا پوليس روايتي سستي جو مظاھرو ڪندي دير سان پھتي ڦر جي خبر مريد شاخ ۾ باھ جيئان پکڙجي وئي اھڙي بدامني خلاف مريد شاخ جا ڪاروباري ماڻھون توڙي علائقي واسي روڊن تي نڪري کنڀڙا پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي ٽائرن کي باھيون ڏئي مريدشاخ گڊو ڪشمور روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جتي  ايس ايڇ او کنڀڙا ۽ ايس ايس پي خلاف سخت نعري بازي ڪندا رھيا ان موقعي تي مظاھرين خطاب ڪندي چيو ته کنڀڙا ٿاڻي جي حدن ۾ ڏوھ وڌي ويا آھن ڪاروباري توڙي  غريب طبقو غير محفوظ آھي  کنڀڙا پوليس جي نااھلي سبب اڄ مريد شاخ وچ شھر مان ڏينھن ڏٺي جو ھٿيار بند ھندو واپاري کان ڏھ لک روپيا روڪ ڦر ڪري ويا آھن جيڪا کنڀڙا پوليس جي نااھلي آھي اغوا توڙي ڦر جو وارداتون ٿين پيون مگر ايس ايس پي به ڏوھارن اڳيان بيوس بڻيل آھي امن ڪير ڪرائيندو اسين آءِ جي سنڌ ۽ اعلي حڪام کان اپيل ٿا ڪريو ته ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪري ھتي امن ڪرائي اسان کي تحفظ فرھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.