ملير جي فيڪٽري مان بيدخل ڪيل 300 پورهيتن جو ڌرڻو

کوکراپار (رپورٽ: عـنايت قمبراڻي)ملير جي علائقي گل محمد ڪلمتي ڳوٺ لڳ خانگي ڪارخاني اسٽينڊرڊ ڪيميڪل مان بي دخل ڪيل 300 مزدورن جي احتجاجي ڌرڻي کي 13 ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃا تائين فيڪٽري انتظاميا مزدورن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جڏهن ته علائقي جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي آغا رفيع الله ، ايم پي اي سليم بلوچ، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن شاڪر ڪلمتي، اخلاق هاشمي، آصف بلوچ ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ پورهئي کاتي جي ڪامورن ڌرڻي ۾ پهچي مزدورن کي دلاسا ڏنا جنهن جو اڃا تائين ڪو به نتيجو نه نڪتو آهي بي دخل ڪيل مزدورن جي گهر ۾ فاقا ڪشي جي نوبت اچي وئي آهي ڌرڻي ۾ موجود مزدورن جو چوڻ آهي ته بي سبب نو ڪرين مان ڪڍي اسان جي ٻچن کي بک ۽ بدحالي طرف ڌڪيو ويو آهي اسان مري ته سگهون ٿا پر پنهنجن ٻچن کي بکيو نه ٿاڏسي سگهون هنن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته هو سکڻو مزدورن جي حقن جون ڳالهيون نه ڪري پر عملي طور مداخلت ڪري اسان کي نوڪرين تي بحال ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.