ڌاري آبادڪاري ۽ زمينن تي قبضن خلاف ڪورنگي ۾ احتجاج

ڪورنگي (ن ع آ)ڪورنگي جيئي سنڌ محاذ ڪراچي ڊويزن پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آباد، پنجاب طرفان سنڌو دريا تي قبضي پاڻي جي کوٽ ۽ بحريه ٽائون ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف چڪرا ڳوٺ کان ڪورنگي  مين روڊ تائين جيئي سنڌ محاذ جي  ڪراچي ڊويذن صدر شوڪت سومرو ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي اڳواڻ شاهد حسين سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنجاب سنڌ جي حقن تي مسلسل ڌاڙو هنيو ويٺو آهي پنجاب پنهنجي قبضي گيريت واري روش برقرار رکي سنڌو درياء تي قبضو ڪري 91جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ ملڪ جو قانون خاموش آهي پنجاب طرفان پاڻي چورائڻ سبب سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت لا پاڻي اڻلڀ آهي جنهن سبب انساني زندگيون متاثر ٿيون آهن ۽ سنڌ ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي ، وري ٻئي طرف ڌارين کي سنڌ ۾  آباد ڪري اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي ڌاريا سنڌ جي معشيت تي بار آهن ۽ سنڌ ۾ امن امان جو مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن جن کي فوري نيڪالي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.