لاڙڪاڻي ۾ عورت پٽ سميت گم، مڙس جو امڙ سميت احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان دودائي باءِ پاس واري علائقي جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي بااثر مائٽن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پورهيت ظفرالله مگسي پنهنجي پيرسن امڙ زبيده، ڀينرن رشيده، فريده، شبيران مگسي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته 6 سال اڳ اسان پنهنجي مائٽن سان رشيداري ڪري پنهنجي ڀيڻ فريده جي شادي شهر جي ڪورائي پاڙي جي رهواسي نورل مگسي سان ڪرائي ۽ ان جي ڀيڻ نوابان خاتون جي شادي مون سان ٿي هئي. هن الزام لڳايو ته شادي بعد ڀيڻويو نورل مگسي ڀيڻ فريده مٿان تشدد ڪري کيس گهر جو خرچ نه ڏيندو هو جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ ڀيڻ مٿان ڪارنهن جو الزام لڳائي کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي منهنجي ڀيڻ منهنجي مڙس جو گهر ڇڏي اسان وٽ آئي ان تي نورل مگسي مائٽن ميوو، سونو ۽ علي دوست مگسي سان گڏجي گذريل خميس ڏينهن منهنجي گهر ۾ گهڙي گهر واري نوابان خاتون ۽ چئن سالن جي معصوم پٽ عمران کي اغوا ڪرڻ گم ڪري ڇڏيو جن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو اهڙي دانهن مون ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس کي ڏني پر پوليس به اسان جي مدد نه ڪئي جنهن ڪري ڀيڻويي نورل مگسي پنهنجي ڀائيٽي رابعه جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس مون سميت منهنجي ڀيڻويي واجد مٿان داخل ڪرايو جنهن تي گذريل رات تعلقه ٿاڻي جي پوليس گهر تي چڙهائي ڪري منهنجي ڀيڻويي واجد کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ هينئر نورل مگسي توڙي ٻيا اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته اغوا ٿيل گهر واري ۽ پٽ کي بازياب ڪرائڻ سان گڏ گرفتار ڀيڻويي کي آزاد ڪرائي بااثرن مائٽن خلاف سخت ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.