ملير مان گم ٿيل ناري جو پتو نه پيو، وارثن جو احتجاج

ملير (ڊ ر)سکڻ ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني جي 12 نمبر روڊ تي قائم فيض گنج ٽائون جي رهواسين لاپتا ٿيل ناري سدرا جدون جي مڙس شاهد جدون ۽ سهري شاهه سوار جدون ۽ ٻين وارثن ملير پريس ڪلب ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناري جي مڙس شاهد جدون چيو ته آئون 16 ڏينهن اڳ شام 4 وڳي ڌاري واڙي تي ڪم ڪرڻ لاءِ ويس ته منهنجي گهرواري سدرا جدون گهر موجود هئي ڪجهه دير بعد منهنجو 10 سالن جو سئوٽ نعمان واڙي تي اچي ٻڌايو ته سدرا گهر موجود نه آهي، جنهن بعد آئون گهر پهچي پنهنجي امڙ کان معلوم ڪيو ته سدرا ڪاڏي وئي آهي جنهن تي منهنجي امڙ چيو ته مان نماز پڙهي سمهي پئي هيم ۽ مونکي علم ناهي ته سدرا ڪيڏي مهل ۽ ڪيئن وئي آهي، سندس هڪ ڏينهن جي ڳولا بعد سکڻ ٿاڻي تي واقعي جي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي وئي، 16 ڏينهن گذرڻ باوجود منهنجي گهرواري سدرا جو ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو جنهن ڪري اسان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، هن چيو ته سکڻ ٿاڻي جو ايس آءِ او ۽ آءِ او علي مراد اسان سان تعاون نه پيو ڪري نه ئي ڳولا ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي آهي، هنن وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير ۽ ايس پي جاچ کان اپيل ڪندي چيو آهي ته پرسرار نموني گم ٿيل منهنجي گهرواري سدرا جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.