ٺل ۾ پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم رولڙي جو شڪار، ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڌرڻو

ٺل (ن ع آ ) ٺل ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي،2012ع ۾ منظور ٿيل 58 ڪروڙ 57 لک روپين جي لڳت سان واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ ڪرپشن ٿيڻ ۽ ڪم مڪمل نه  ٿيڻ جي ڪري ٺل جا شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آهن،جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر،پلي ڪارڊ هئا،جنهن تي پاڻي جي لاءِ مختلف نعرا لکيل هئا.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جمال جوش ٻرڙو،ڪامريڊ سرواڻ لاشاري،اصغر علي لاشاري،غلام حسين لعل ڪنراڻي،زاھد حسين ڊول،ڪامريڊ برڪت علي لاشاري،محمد بخش بروھي،حاجي حسن ڪنراڻي،حسام سومرو،حاڪم ڊول ۽ ٻين چيو ته 2012ع ۾ منظور ٿيل پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم اٺ سال گذري وڃڻ جي باوجود مڪمل نه ٿي سگهي آهي،58 ڪروڙ 57 لک روپين جي لاڳت سان منظور ٿيل اسڪيم ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي پر افسوس جو هن مهل تائين اسڪيم جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي،افسوس جو ٺل جي شھرين کان علاوهه تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن جا هزارين ماڻھو زهريلو پاڻي پيئڻ سبب ڪيترن ئي مهلڪ مرضن جي ور چڙھيل آھن، اڳواڻن چيو ته مٺي پاڻي لاءِ احتجاجن سان گڏ اسان نيب،اينٽي ڪرپشن ،ايف آءِ اي،سنڌ ھاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي اسيمبلي آڏو ڌرڻا هڻنداسين،اسان شھرين سان عهد ڪري نڪتا آھيون ته جيستائين شھر واسين کي مٺو پاڻي نه ملندو،ايستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. اسان  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت  پ پ جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته ٺل واسين کي مٺي پاڻي جي اسڪيم مڪمل ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسڪيم ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪري ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي،ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.