حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي نوجوانن جو نوڪريون نه ملڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي نوجوانن نوڪريون نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حاجن شورو، سليم جمالي، اعجازسومرو، محمد سمير ھاليپوٽو، ايوب ھنڱورو، منصورنظاماڻي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي ۾ تعليم کاتي پاران خالي  ڏيکاريل جاين کانسواءِ به 200 کان وٺي 250 تائين پي ايس ٽي استادن ۽ 150 کان مٿي جي اي ايس ٽي استادن جون خالي جايون موجود آھن، پر انتظاميا ڄاڻي واڻي اھي خالي جايون ظاھر نه پئي ڪري. هنن چيو ته حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي جا ڪيترائي اسڪول بند پيل آھن، ڪيترن ئي اسڪولن جو عمارتون ٺهي پٽ ٿي ويون آهن، ڪجهه اسڪولن کي ختم ڪيو ويو، تعليم جي بهتري جي لاءِ ضروري آهي ته ھنگامي بنيادن تي اسڪول کولي انهن کي فعال ڪيو وڃي، اسڪول کولڻ سان هڪ طرف معصوم ٻارن کي تعليم منلدي ته ٻي طرف پڙهيل لکيل نوجوانن کي پڻ روزگار ملندو. هنن چيو ته حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي ۾ ٽيهن ٻارن جي مٿان ھڪ عدد استاد جي حساب سان ڀرتيون ڪيون وڃن ته جيئن 54 کان 40 واري پاليسي تحت وڌ کان وڌ اميدوارن کي جُوائننگ آڊر ملي سگهن. هنن سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاھه، تعليم جي وزير سردار علي شاھه، سيڪريٽري تعليم غلام اڪبرلغاري ۽ حيدرآباد ٻهراڙي جي اعليٰ ايوانن  ۾ نمائندگي ڪندڙ ايم پي اي ۽ صوبائي وزير ڄام خان شورو، اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ کي اپيل ڪئي ته حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي کي طرف توجهه ڏيئي 54 کان 40 مارڪن وارن اميدوارن کي آفر ليٽرز جاري ڪري روزگار فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.