سلطان ڪوٽ لڳ چلهه مان باهه، 3 هارين جا گهر سڙي ويا

سلطان ڪوٽ ( ن ع آ ) سلطان ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ غلام فريد جکراڻي ۾ چُلهه مان اُٿيل چڻنگ 3 هارين جا گهر ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيا  باهه لڳڻ سبب هاري احسان جکراڻي، شاهه محمد جکراڻي ۽ ظفر جکراڻي جا گهر سڙي ويا، گهرن ۾ پيل سمورو اناج ۽ هنڌ بسترا باهه لڳڻ سبب خاڪ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ عملو متاثرن جي ڳوٺ نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو ويو. متاثرَ احسان، شاهه محمد ۽ ظفر جکراڻي ڪٽُنب سميت نِٽهڻ اُس ۾ کليل آسمان هيٺ بَي يارو مددگار ويٺل ڳوٺاڻن ڊي سي شڪارپور ابرار احمد جعفر، فلاحي ادارن ۽ وس وارن کان واهر جي اپيل پڻ ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.