ڳيريلو لڳ اسڪول جي عمارت زبون حال بڻجي وئي، احتجاج

ڳيريلو ( ن ع آ  ) ڳيريلو ويجهو ڳوٺ دوست محمد جتوئي بوائز پرائمري اسڪول جي عمارت گذريل ڪافي عرصي کان زبون حال بڻيل آهي، عمارت کي هنڌان هنڌان خطرناڪ ڏار پئجي ويا معصوم شاگردياڻين ۽ شاگردن ڊپ کان اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو شاگردن جو تعليمي مستقبل تباهه ٿيڻ لڳو ، ان سلسلي ۾ شاگردن جي والدين محرم علي  طالب علي بهاول علي ۽ شوڪت علي راهب علي جتوئي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته اسڪول جي عمارت گذريل 7 سالن کان زبون حال بڻيل آهي جڏهن ته اسان ڪافي ڀيرا تعليم جي اعلي عملدارن کي عمارت جي زبون حالي جي جون شڪايتون به ڪيون آهن، پر ڪنهن به ان مسئلي جو نوٽيس ناهي ورتو هنن وڌيڪ دانهيندي چيو ته عمارت جي مرمت نه ٿيڻ ڪري ان ۾ خطرناڪ ڏار پئجي ويا آهن جنهن ڊپ کان اسانجي جي  ٻارن اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي هوڏانهن اسڪول ۾ مقرر استاد ڪاشف ميئو ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڪافي عرصي کان اسڪول جي عمارت زبون هال هجڻ ڪري شاگردن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو ۽ حاضري پڻ روزانو جي معمول کان گهٽبي پئي وڃي ٻئي طرف ڳوٺاڻن شاگردن جي والدين وزير اعليٰ سنڌ، تعليم جي صوبائي وزير ۽ ٻين اعلا عملدارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسڪول جي عمارت ٻيهر جوڙائي اسان جي ٻارڙن جون حياتيون توڙي تعليم بچائي بي چيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.