جهڏي ۾ نينگر سان بدفعلي ڪوشش، ڪيس داخل

جهڏو (ن ع آ) جهڏي ويجهو ڏاجھيرو موري جي رهواسي  12 سالا يتيم نينگر محمد رمضان پٽ غلام محمد کوسو سان ٽن جوابدارن سڪندر دل، امتياز دل، ممتاز دل زبردستي موٽر سائيڪل تي ويهاري بدفعلي ڪرڻ جي ارادي سان زبردستي کڻي ويا پئي نينگر جي رڙين تي ڳوٺاڻن جوابدارن جو پيڇو ڪري ٻن ڄڻن سڪندر دل ۽ امتياز دل کي پڪڙي جهڏو پوليس حوالي ڪيو، هوڏانهن متاثر نينگر جي ڀاءُ غلام نبي کوسو جي فرياد تي 3 ڄڻن خلاف جهڏو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻه ڄڻا سڪندر دل ۽ امتياز دل پوليس حراست ۾ آهن پوليس موجب ته ٽئين جوابدار ممتاز دل جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.