ملير جي صديون پراڻن قبرستانن مان انساني هڏيون چوري، احتجاج

کوکراپار(رپورٽ: عـنايت قمبراڻي)ملير جي صديون پراڻن تاريخي قبرستانن مان قبرون کوٽي انساني هڏيون چوري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي گذريل ڏينهن ڪاٺوڙ لڳ گور بانو جبل لڳ تاريخي قبرستان جون قبرون کوٽي انساني هڏا چورائڻ جي اطلاع تي سوين ماڻهون قبرستان پهچي ويا جن چوري مهل وکريل هڏا گڏ ڪري سخت احتجاج ڪيو ان موقعي تي تاريخ دان محقق گل حسن ڪلمتي سميت علائقي جي معززن صحافين کي ٻڌايو ته ملير جي گڏاپ ۽ بن قاسم جي علائقن ۾ اڻ ڳڻيا تاريخي قبرستان موجود آهن جيڪي هتان جي خطي جي وجود جون نشانيون آهن پر افسوس آهي ته ترقي جي نالي ۾ وڏيون رهائشي رٿائون جوڙي پهريائين اباڻيون زمينون کسي قبضا ڪيا ويا هئا ۽ هاڻ تاريخي قبرستان مان ابن ڏاڏن جا هڏڙا چوري ڪري ڌرتي ڌڻين جي توهين ڪئي پئي وڃي هنن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته هو تاريخي قبرستانن کي بچائڻ جا جوڳا اپاءُ وٺي ٻي صورت ۾ مقامي ماڻهو پنهنجن ابن ڏاڏن جون قبرون ۽ ماڳ مڪان بچائڻ لاءِ پاڻ ميدان تي نڪري پوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.