سنڌ مان افغان پناهگيرن کي نيڪالي ڏني وڃي: رمضان بليدي

گڏاپ (ن ع آ)ڪراچي سميت سڄي سنڌ مان افغان پناهگيرن سميت سمورن پرڏيهن کي فوري طور تي نيڪالي ڏني وڃي ۽ سرڪاري زمينن تان  قبضو ختم ڪرايو وڃي، هاڻي سنڌ وڌيڪ پناهگيرن جو بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ھنن پناھ گيرن سنڌ ڌرتي جو امن تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ نيشنل پارٽي جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين بليدي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. رمضان بليدي وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ سمورا پناهگير سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري رهيا آهن ۽ اتان ويھي  دهشتگردن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن جيڪو ڪراچي شهر لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آهي، تنهن ڪري حڪمرانن کي گهرجي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ مان پناهگيرن کي واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن ڪڍي سنڌ جي سمورن شهرن کي ڌارين کان آزاد ڪرايو وڃي جيئن سنڌ کي دهشتگردن کان ڇوٽڪارو ملي سگھي، رمضان بليدي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام اسلام جي نالي تي گھڻو ٻوجھ برداشت ڪيو پر ھاڻي وڌيڪ ٻوجھ برداشت نه ٿي ڪري سگھي، اسان حڪمرانن کي اپيل ٿا ڪريون ته امن جي ڌرتي ۾ رھندڙ سنڌ جي ماڻھن تي رحم ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي سڀني شھرن کي دھشتگردي کان نجات ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.