ٽنڊو الهيار آيل شخص پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ

ٽنڊوالھيار ( ڊ ر ) گزريل رات 12  وڳي ڌاري چمبڙ روڊ ويجھو نندو ڳوٺ مان ٽنڊوالھيار شھر ڏانھن آيل شخص نالي شريف نندو پراسرار طور گزريل رات کان گم ٿيل آھي. سندس ڀاءُ مطابق کيس رات وقت فون آيو ھو ۽ ھو ڪپڙا تبديل ڪري ڀاڻيجي سان گڏجي شھر آيو ھو. شريف ڀاڻيجي کي موٽر سائيڪل تي باءِ پاس لڳ بيھاري پاڻ اڪيلو نصير واھ طرف ويو ھو پر فجر مھل تائين نه موٽيو. سندس ڀاء کيس اغوا ڪرڻ يا قتل ڪري ڇڏڻ جو شڪ ظاھر ڪيو آھي. پوليس جا اٽالا پيرين جي مدد سان شريف نندو جي ڳولا ۾ مصروف آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.