ڪنڌڪوٽ ۾ غربت سبب نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ )ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ منير احمد کوسو ۾ 30 ورھين جي نوجوان فراز احمد کوسو غربت سبب پاڻ مٿان فائر  ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.بي سيڪشن پوليس کي اھڙي واقعي جي اطلاع بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري نوجوان جي لاش کي کڻائي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندو جتان ضروري قانوني ڪاروائي بعد پوليس نوجوان جي لاش کي سندس جي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته ابتدائي معلومات موجب نوجوان بيروزگاري سبب تنگ هو جنهن پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي پوليس جو چوڻ هو ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.