رهڙڪي جا 3 مغوي آزاد نه ٿيا، ڌرڻي جو اعلان

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏهرڪي لڳ رهڙڪي مان 24  ڏينهن اڳ اغوا  ٿيل نصير سومرو صدام سومرو عاقب سميجو اڃان تائين بازياب ٿي نه سگهيا آهن، سنڌ ترقي پسند پارٽي سميت سياسي سماجي تنظيمن ۽ وارثن پاران  ايس ايس پي آفيس آڏو اربع ڏينهن ڌرڻي جو اعلان ڏهرڪي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ٽي پي جي مرڪزي وائس چيئرمن ڄام عبدالفتاح سميجو،  خليل سومرو ،مغوي نصير سومرو جي ڀاءُ ظهير سومرو پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوري ضلعي ۾ بدامني جي باهه ٻري پيئي آهي رهڙڪي مان چوويهه ڏينهن اڳ ٽي نوجوان اغوا ٿي ويا آهن پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي هنن چيو ته اغوا ڪارن فون ڪري پنجاهه لک رپيا ڀنگ گهريو آهي ڌاڙيل ڀنگ طلبي لاءِ مغوين تي وحشيانو تشدد ڪن ٿا هنن چيو ايس ايس پي گهوٽڪي ايس ايچ ڏهرڪي اسان کي بازيابي جا ڪوڙا واعدا ڪن ٿا پر ڌاڙيلن خلاف ڪا اثرائتي ڪاروائي نه ڪري سگهيا آهن هنن اعلان ڪيو ته ايس ايس پي آفيس آڏو اربع ڏينهن تي ڌرڻو هنيو ويندو جنهن ۾ وڪيل برادري صحافي برادري سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ سميجا برادري ۽ سومرو برادري جو وڏو انگ شرڪت ڪندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.