سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد مٿان فائرنگ، ڪيس داخل

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد مٿان فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪرڻ وارو معاملو، واقعو جو ڪيس عورت سندس پيءُ ۽ ڀاءُ سميت چئن ڄڻن تي داخل، پوليس طرفان جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد وليد پاڙي ۾ هڪ ڏينهن  اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد آڪاش علي ڀٽي واري واقعي جو ڪيس سندس امڙ رخسانه ڀٽي فرياد تي هڪ عورت سميت چئن ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو آهي ته عورت زيب خاتون پنهنجي پيءُ الطاف، ڀاءُ مهتاب ۽ ٻين سان گڏجي شادي نه ڪرڻ واري معاملي تان قتل جي ارادي سان منهنجي پٽ قاتلاڻو حملو ڪرايو آهي. هوڏانهن اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جاچ جو دائرو وڌائيندي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.