خيرپور لڳ گهرن تي پوليس چڙهائي عورتن جي تذليل، ڦرلٽ، احتجاج

خيرپور( رپورٽ : شاهد نواز سيال  ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبوب رند جي رهواسين مسمات ليلان خاتون رند، خادم حسين ، معصوم نياڻين  مرينا خاتون، ريحانه ، شمائلا خاتون رند پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايوته شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او گذريل رات وڏا پوليس اٽالا ساڻ ڪري اسان جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري، چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو، پوليس عورتن ۽ معصوم نياڻين تي تشدد ڪري تزليل جو نشانو بڻايو، جنهن بعد پوليس گهر ۾ پيل نوجوان نياڻي جي ڏاج جو سامان، 2 عدد ٻڪريون، هڪ عدد ڪاغذن واري موٽر سائيڪل سميت گهر جو قيمتي سامان ڦرلٽ ڪري زبردستي کڻي وئي آهي، مظاهرين ٻڌايو ته پوليس جي اسان پورهيت پٽ ڪوڙو رند کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن ته ڪوڙو رند ڪراچي ۾ مذدوري ڪندو آهي، مظاهرين آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي شاهه لطيف پوليس هٿان ڦرلٽ وارو ڏاج ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.