پوليس عمل سان ئي پنهنجي سڃاڻپ جوڙي ٿي

سنڌ جي مختلف علائقن مان چوري،اغوا ۽ ننڍن وڏن ڏوهن جون دانهون روز اخبارن جي زينت بڻجي رهيون آهن. ايئن گڊو پوليس خلاف شهرين احتجاج ڪيو آهي هنن جو پوليس تي الزام آهي ته گرفتار ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڳري رشوت طلب ڪئي وئي هئي جنهن بعد عدالت جي مداخلت تي گرفتار ٿيل آزاد ٿيا. ٻئي پاسي بدامني جي صورت اها آهي ته رهڙڪي مان ٽي ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن،باقي ننڍيون وڏيون چوريون ته هر علائقي ۾ ٿي رهيو ن آهن.

ٽنڊو الهيار پوليس جي مبينا تشدد ۾ پورهيت پنهجي حياتي وڃائي ويٺو آهي.ميڊيا رپورٽ موجب ٽنڊوالهيار بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاني خاصخيلي جو ڳوٺاڻو 45 سالن جو خدا بخش عرف ڀورو خاصخيلي پوليس تشدد ۾ فوت ٿيو آهي.هو پنجن ٻارن جو پيءُ هو. گرفتار ڪيل ڳوٺاڻي تي الزام هو ته هو ڪچو شراب ٺاهي وڪرو ڪندو هو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس پاران ان  شخص  تي تشدد ڪيو ويو هو جنهنڪري هن جو موت واقع ٿيو آهي.ڳوٺاڻي کي پوليس مرڻينگ حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال ۾ ڇڏي وئي هئي واقعي بعد فوت ٿيل شخص جي وارثن پوليس خلاف ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. وارثن موجب ماڇي هوٽل پوليس پوسٽ انچارج فوتي شخص کي پوسٽ تي گهرائي ٽنڊوالهيار بي سيڪشن ٿاڻي ۾ لاڪ اپ ڪيو هو.جنهن کي آزاد ڪرڻ لاءِ20 هزار رُپيا رشوت گُهرِي وئي.نه ملڻ تي نوجوان کي ايذايو ويو جنهن ڪري اهڙو واقعو پيش آيو.

اهو ٿي سگهي ٿو ته فوت ٿيل نوجوان تي مڙهيل الزام درست هجي پر ان صورت ۾ پڻ  پوليس کي ڪنهن به قانون تحت اهو حق حاصل نه آهي ته هن کي تشدد ڪري هن جو ساهه ئي ڪڍي ڇڏجي.

پوليس تحويل ۾ ملزم جي فوت ٿيڻ جو هي پهريون ڪيس نه آهي، نه ئي وري هي ڪو آخري ڪيس آهي، پر ان سان پوليس جي ڪارڪردگيءَ توڙي پوليس جي عام ماڻهون ڏانهن عمومي روش جو اظهار ٿئي ٿو.جنهن مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته قانون لاڳو ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪيل پوليس وٽ قانون جو ڪيترو قدر آهي، تربيت دوران پوليس کي به قانون جا ڪجهه سبق پڙهايا وڃن ٿا پر پوليس هڪ اداري طور اهو فرض ادار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي، نتيجي ۾ عوام ۽ پوليس وچ ۾ وڏو ويڇو ٿي ويو آهي، ڪنهن به دور ۾ پوليس ڪڏهن به هڪ مثالي اداري طور پاڻ نه مڃائي سگهي آهي.

قانون جو هڪڙو سبق اهو پڻ آهي ته هڪ ملزم هر صورت ۾ قانون جو هڪ دادلو ٻار آهي،جيستائين ان تي ڏوهه ثابت نه ٿئي اهو ڏوهي نه  آهي.پر هتي ته قانون تي عمل جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جنهنڪري پوليس وٽ گرفتار ٿيل ملزم مارجي به وڃن ته به پوليس جي روئي ۾ ڪو فرق نٿو اچي.

ڇا هن واقعي تي عدالت ڪو نوٽيس وٺندي يا پوليس ڪو تحرڪ ڏيکاري هن ڪيس ۾ ملوث اهلڪارن يا عملدارن خلاف قانون جي گهرجن موجب ڪا ڪارروائي ڪندي ؟

اسان انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ کي هتي گذارش ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ ٿيندڙ ڏوهن جو نوٽيس وٺي عام ماڻهون جي جان مال ۽ عزت جو تحفظ ڪيو وڃي، جئين هن ڏکئي دور ۾ ماڻهون پنهنجي حياتي گذاري سگهن،ٻي صورت ۾ معاشري ۾ جنم وڌندڙ ڏوهن ۽ وري پوليس طرفان لاڪپ جي اندر ماڻهن جي فوت ٿيڻ جهڙن واقعن سان سماج انارڪي ڏانهن هليو ويندو، جنهن سان اسان هر طرح سان پوئتي ڌڪجي وينداسين، قانون ۽ عدالتون ان ڪم جي لاءِ ئي آهن ته اهي فيصلو ڪنديون ته ڪير ڏوهاري آهي، ڪير بي ڏوهي آهي، جيڪڏهن پوليس پاڻ ئي اهو فيصلو ڪرڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو ته ان جو پوراءُ نه ٿي سگهڻ جهڙو نقصان ٿيندو.

ٻئي طرف هڪ  ٻي خبر موجب آءِ جي سنڌ پوليس جي حڪم تي ايس ايس پي مٽياري ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس آفيسرن ۽ وڏن منشين سميت 67 ڄڻن کي ڪرمنل ڪيسن ۾ملوث ھئڻ جي الزام هيٺ معطل ڪرڻ بعد لائين حاضر ڪري ڇڏيو.جڏهن ته آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل بورڊ جي انڪوائري رپورٽ اچڻ تائين کين لائين ۾ رهڻ  جو هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

هڪڙي لحاظ سان اهو هڪ مثبت قدم آهي جنهن جي ساراهه ڪرڻ گهرجي پر ٻئي پاسي اها به حيرت ۽ پريشاني واري ڳالهه آهي جو هڪڙي ضلعي اندر پوليس کاتي جي 67 اهلڪارن تي ڪرمنل سرگرمين ۾  ملوث هئڻ جو الزام آهي، جنهن مان  ڪيترا ئي سوال پڻ پيدا ٿين ٿا.

هن کان اڳ انهن پوليس اهلڪارن جون سرگرميون  ڪنهن قانون جي نظر ۾ ڇو نه آيون ؟ انهن الزام هيٺ آيل اهلڪارن جون سرگرميون ڪيتري عرصي کان جاري هيون ؟ انهن خلاف ڪارروائي بي رحمي سان ٿيندي يا وري جن جون سفارشون هونديون انهن کي صاف شفاف ،امين صادق قرار ڏئي وري ساڳي ڪرت سان لڳايو ويندو؟

ڪجهه وقت اڳ پوليس جي حوالي سان هڪڙو اهو بحث پڻ شروع ٿيو هو ته انهن جي ڊيوٽي جو وقت اٺ ڪلاڪ مقرر ڪيو وڃي.پوليس اهڪارن جي ذهني تپاس يا چڪاس ڪرائي وڃي.ان ڳالهه جو ڪٿي ڇيهه ٿيو ؟ ڪنهن به ڪم جي بهتريءَ جي گنجائش ڪڏهن به ختم نه ٿيندي آهي، سو پوليس جي سڌارن تي عمل ڪندي پوليس وارن کي به انساني حق ڏئي ۽ انهن کي انساني حقن بابت ڪجهه آگاهي ڏني وڃي ۽ قانون تي عمل کي يقيني بڻائڻ جي سکيا ڏني وڃي ته ان جو سموري معاشري کي فائدو ٿيندو.

اميد ڪجي ٿي ته اسان جي گذارش تي سنڌ سرڪار جون اختياريون ڪجهه غور ڪنديون، انهن تي عمل ڪري عوام ۽ معاشري کي جدت ڏيڻ ۾ پنهنجو فرض پورو ڪنديون.

ڪارڪردگيءَ ۽ عمل ئي ماڻهون توڙي اداري جي سڃاڻپ بڻجن ٿا توقع ڪجي ٿي ته پوليس پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان پنهنجي جديد سڃاڻپ جوڙيندي،ان سان ئي هڪ مثبت معاشري طرف اڳيان وڌي سگهبو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.