بي وقار سماج مان هڪ باوقار شخص هليو ويو

تحرير: رکيل مورائي

عبدالقادر منگيءَ صاحب عملداريءَ ۾ ڪيترا مرتبا ماڻيا ۽ پنهنجي سموري نوڪريءَ جي دور ۾ سنڌ کي ۽ ادارن کي ڇا ڏنو ۽ سنڌ کيس ڇا ڏنو اهو سڀ اڄ کانپوءِ سهيڙيو ويندو ۽ ممڪن آهي ته سندس زندگيءَ بابت پڻ ڪيترو مواد ڪٺو ڪيو وڃي جيڪو مواد سهيڙ کانپوءِ شايد سندس هٿ اکر لکيل ۽ اعليٰ نموني ڇپيل ڪتاب ”مان جوئي آهيان، سوئي آهيان“ کان به هڪ وڏو ڪتاب بڻجي وڃي پر ان سموري ڪتاب هڪ ڳالهه ته دنيا جي ادب ۾ شخص بابت ۽ اديب بابت لکيل انهن سوانحي ڪتابن وانگر چٽي ٿي بيهندي  اها هيءَ  ته انهن ڪتابن ۾ عبدالقادر منگيءَ بابت سمورو سچ جنهن کي نج سچ ڪوٺجي ٿو اهو نه هوندو.

انهيءَ ۾ اهو سڀ به شامل هوندو جنهن جو هڪ حصو منگي صاحب جي زندگيءَ سان لاڳاپيل هوندو، هڪ حصو سندس نوڪريءَ سان لاڳاپيل هوندو هڪ حصو سنڌي ۽ سنڌي ادب بابت سندس ڪيل خدمتن جو هوندو، هڪ حصو ساڻس ان سموري ڪيل عمل جي تعريف بابت هوندو ۽ هڪ حصو اهڙو هوندو جيڪو سندس زندگيءَ کان مختلف توڻي الڳ هوندو، اهو حصو انهن سمورن لکندڙن جو چاهيل هوندو ته اهو به منجهس هجي ها! اها انهن مڙني لکندڙن جي چاهيل خواهش هوندي، جيڪي سمورا منگي صاحب سان ڪنهن نه ڪنهن طرح ڳنڍيل هوندا هئا، پر ادب ۾ توڻي ادب کان الڳ شخصي زندگيءَ ۾ منگي صاحب جي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سچ اهو آهي، جيڪو هن پنهنجي هٿن سان پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي. ڇو ته اها سندس جيئري ئي ڇپي، ان تي سهمتيءَ طور توڻي اسهمتيءَ طور  تمام گهڻو ڳالهايو به ويو ته لکيو به ويو هاڻ ان مان شخصن /لکندڙن جي چاهڻ باوجود پنهنجي منشا/خواهش موجب ڪجهه الڳ ڪري پڙهي نٿو سگهجي ۽ اول آخر اهو سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ گهرجي.

ان کان ٻاهر اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪو الڳ الڳ لکندڙن وٽ الڳ الڳ اظهار ماڻيندو ۽ لکڻ ۾ ايندو، اهو طئي آهي ته ان جو گهڻو حصو نيڪ خواهشن تي ٻڌل هوندو، ڇاڪاڻ ته منگي صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا نيڪ (مذهبي دائري ۾) ڪم ڪيا جيڪي نه فقط سندس آتم ڪٿا ۾ ڄاڻايل آهن پر ان کان ٻاهر هڪ جيئرو جاڳندو وجود رکن ٿا. جيڪي منگي صاحب جي ڇهن فوٽن جي ننڍڙي قبر کان ٻاهر ڪيترو ئي وڏو دائرو رکندڙ آهن ۽ پڪ سان ان سموري دائري کي جڏهن لکت ۾ آندو ويو ته منگي صاحب جو چهرو وڌيڪ چٽو ظاهر ٿيندو ۽ سندس نيڪ /عملي ڪم جو قدر، سندس موجود بيهڪ ۾ سڀ کان گهڻو وڏو نظر ايندو.

هڪ ليک طور  مون (شخصي) کان سندس اهو عمل ڪيئن وسري سگهندو ته مونکي صاحب هجڻ ڪتاب جو اعزاز بخشڻ وارو منگي صاحب هئو ۽ سنڌي شاعراڻي ادب جي تاريخ ۾ ممڪن آهي ته ڪن کي خبر نه هجي پر سنڌي جا پڙهندڙ نه وساريندا مها ڪوي شيخ اياز کي اعليٰ نموني محفوظ ڪرڻ واري اسڪيم لاءِ ڏوڪڙ سنڌ حڪومت جي خزاني مان ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ڏنا هئا ۽ ان سموري اسڪيم کي خوش اصلوبيءَ سان مڪمل ڪرڻ وارو شخص سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي هلائيندڙ عبدالقادر منگي صاحب هئو  جڏهن ان اسڪيم جي پهرئين جلد جي مک درشن تقريب ٿي رهي هئي ته، وزير به ٻيا هئا ته مشير به ٻيا هئا. وقت ۽ تاريخ ان سموري ميرانجهري ماٺار تان پاڻ ئي دز اڏائي ان کي چٽو ڪري بيهاريندي اهو اوس ٿيڻو آهي. اهو سمورو سندس ڪو نه هئو وقت جو آهي جيڪو سڀاڻ اچڻو آهي.

۽ منگي صاحب ان سڀ کان اڳ پنهنجا پنج ٻارڙا ۽ هڪ سگهڙ پڙهيل لکيل گهر واريءَ کي ڇڏي، سندن  هر تعلق کان پري هليو ويو. ياد رهي ته اهو وڇوڙو ڪنهن به شخص جي عمر سان واسطو رکي ٿو. زندگي لڳاتار هلڻي آهي ۽ جيستائين زندگي هلندڙ آهي منگي صاحب سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کان وسري سگهي وقت کي شايد اهڙو قت نصيب نه ٿئي. عمر جي ڳڻپ ۾ منگي صاحب چوويهه نومبر اڻيهه سئو ستيتاليهن ۾ جنم ورتو ۽ ٻارهين جون ٻه هزار ٻاويهن ۾ ڪالهه اسان کان هن جڳتکان ڪڏهن به نه ملڻ لاءِ موڪلايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.