عوام کي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺندڙن کي هن ڀيري ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو: راشد محمود سومرو

جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آهي ته جيڪي لڳاتار عوام کي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺندا پيا اچن هن ڀيري کين ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.

رائونتي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو ته گھوٽڪي فيڊر جو پاڻي ڀوتارن ۽ وڏيرن جي زمينن لاءِ آهي پر غريب آبادگارن جا فصل پاڻي نه ملڻ ڪري تباهه ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته جيڪي عوام کي لڳاتار بيوقوف بڻائي ووٽ وٺندا پيا اچن هن ڀيري کين ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.

جي يو آءِ اڳواڻ جلسي ۾ شرڪت ماڻهن کي اپيل ڪئي ته جي يو آءِ ۽ مهر گروپ جا اتحادي اميدوار مڪاني چونڊن لاءِ ميدان ۾ لٿن آهن کين پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.