ٽنڊو غلام حيدر: آبادگارن جو ڦليلي ڪئنال جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو

ٽنڊو غلام حيدر ۾ آبادگارن پاران ڦليلي ڪئنال جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

آبادگارن عمر جڳسي، بشير ڪالري، جبار مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدر آباد باءِ پاس روڊ تي جڳسي واهه وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو.

ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جتي پوليس پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته آبپاشي عملدارن پاران ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن ۾ گذريل 10 مهينن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي.

سندن چوڻ هو ته پاڻي کوٽ سبب هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪمند ۽ ڦٽين سميت ٻيا فصل سڙي رهيا آهن، جڏهن ته هن وقت تائين ساريالي فصل جو ٻيجارو به پوکجي ناهي سگھيو.

آبادگارن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير ڦليلي ڪئنال جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي فراهمي يقيني بڻائي آبادگارن کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.