ميرپورماٿيلي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

اميدوارن، اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس تحريڪ جي اڳواڻ مزمل شاهه، تقي شاهه، هادي بخش ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سال 2013 دوران اين ٽي ايس ذريعي ماستري جي ٽيسٽ پاس ڪئي وئي پر سنڌ حڪومت پاران اڃا تائين اميدوارن کي آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا، جيڪا ساڻن زياتي آهي.

اڳواڻن سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي کان مطالبو ڪندي چيو ته اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن کي پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ تعليم کاتي جي خالي پيل جاين تي مقرر ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.