مٽياري ۾ نوجوان موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري ڪار هيٺان چيڀاٽجي فوت

مٽياري ۾ نوجوان موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري ڪار هيٺان اچي فوت ٿي ويو.

قومي شاهراهه تي دينار شاخ وٽ نوجوان موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب روڊ تي ڪري پيو ته سامهون ايندڙ گاڏي مٿان چڙهي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تعلقا اسپتال منتقل ڪيو.

نوجوان جو لاش اسلم ملاح طور سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن حادثي کانپوءِ ڪار ڊرائيور گاڏي سوڌو فرار ٿي ويو، جڏهن ته اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.