ڀان سيد آباد: ٽي ايل پي جي ڀارتي حڪمران پارٽي جي اڳواڻن جي گستاخانا بيانن خلاف ريلي

ڀان سيد آباد ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جي اڳواڻن جي گستاخانا بيانن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

علامه غلام محي الدين، عابد علي شاهه،  عبدالجبار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مقامي پيٽرول پمپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڀارتي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي ترجمان عورت ۽ ٻئي اڳواڻ، رحمت اللعامين نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي ڪئي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

اڳواڻن چيو ته بي جي پي اڳواڻن جي گستاخانا بيانن سان سموري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ٿي، جڏهن ته ڀارتي سرڪار بيانن ڏيندڙ کي ڪارروائي ڪرڻ بدران تحفظ ڏئي رهي آهي.

اڳواڻن پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته ڀارت ۽ عالمي برادري آڏو سخت موقف رکي، نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن کي سزا ڏياري وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.