ٿولهه گهٽائڻ لاءِ ورزش جو بهترين وقت ڪهڙو آهي؟

 

ورزش هر ڪنهن جي صحت لاءِ فائديمند هوندي آهي پر مردن ۽ عورتن لاءِ ان جا وڌ کان وڌ فائدا حاصل ڪرڻ جو وقت مختلف هوندو آهي.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته صبح ورزش ڪندڙ عورتون وڌيڪ جسماني چرٻي ڳارڻ ۾ ڪامياب رهن ٿيون، جڏهن ته مردن لاءِ شام جو وقت وڌيڪ بهتر آهي.

مردن ۽ عورتن جا هامونز، حياتياتي گهڙي ۽ ٻيا فرق ان حوالي سان ڪردار ادا ڪن ٿا.

اسڪڊمور ڪاليج جي تحقيق ۾ 30 مردن ۽ 26 عورتن کي شامل ڪيو ويو هو، جيڪي سڀ صحتمند ۽ جسماني طور متحرڪ هئا.

25 کان 55 سالن جي عمر جي انهن ماڻهن تي مختلف قسمن جي ورزشن جي اثرن جو جائزو 12 هفتن تائين ورتو ويو.

هڪ گروپ کي صبح ساڍي 7 وڳي، جڏهن ته ٻئي کي شام 6 کان 8 وڳي جي وچ ۾ ورزش ڪرڻ جو چيو ويو ۽ ماهرن طرفان انهن جي غذا جي منصوبابندي به ڪئي وئي.

تحقيق جي دورانيي دوران ماڻهن جي بلڊ پريشر، جسماني چرٻي، جسماني لچڪ، مضبوطي ۽ ايروبڪ پاور کي به جاچيو ويو.

نتيجن سان خبر پئي ته 12 هفتن دوران سڀني جي صحت بهتر ٿي، ڀلي اهي ڪهڙي وقت به ورزش ڪندا رهيا.

محققن چيو هونئن ته ورزش جو بهترين وقت اهو ئي آهي جيڪو توهان جي شيڊيول ۾ فٽ اچي سگهي پر عورتن ۽ مردن لاءِ ورزش جو مثالي وقت مختلف هوندو آهي.

نتيجن موجب وچين عمر جون جيڪي عورتون جسماني چرٻي ۽ بلڊ پريشر گهٽائڻ جو خواهشمند هونديون آهن، انهن کي صبح جو ورزش جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

ان جي ڀيٽ ۾ ورزش جي وقت جي حوالي سان مرد گهٽ حساس هوندا آهن پر شام جو ورزش ڪرڻ دل ۽ ميٽابولڪ صحت سان گڏوگڏ انهن جي جذباتي صحت لاءِ به فائديمند آهي.

ميٽابولڪ صحت ۾ بهتري سان مختلف مرض جهڙوڪ ٿولهه، شگر ٽائپ 2، دل جي مرضن ۽ اڌ رنگ جو خطرو گهٽ هوندو آهي.

محققن چيو ته اهو مڪمل طور تي واضح ناهي ته ورزش جي وقت جي حوالي سان مردن ۽ عورتن جو جسماني ردعمل مختلف ڇو هوندو آهي پر ان حوالي سان ڄاڻڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

فرنٽيئرز ان فزيالاجي رسالي ۾ ڇپيل تحقيق ۾ شامل ماڻهو جيتوڻيڪ صحتمند هئا پر محققن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جسماني وزن يا ٿولهه جو شڪار ماڻهن تي به اهي نتيجا لاڳو ٿي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.